بريڪنگ نيوز

فيڊرل آئيني عدالت صرف آئيني معاملن لاءِ قائم ڪئي ويندي: سينيٽر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ جي اجلاس ۾ ميمبرن چوٿين ڏينهن به لاڳيتو 27هين آئيني ترميم تي تفصيلي بحث جاري رکيو. سينيٽ جي اجلاس صدر نشين منظور احمد ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽ ميمبرن 27هين آئيني ترميم جي مختلف پاسن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سينيٽر ضمير حسين گهمرو چيو ته آئيني عدالت جي قيام تي ميثاقِ جمهوريت ۾ اتفاق ٿيو هو پر 18هين ترميم ۾ اها شق شامل نه ڪئي وئي. آئيني عدالت جي قيام سان وفاق مضبوط ٿيندو ۽ صوبن کي حق ملي سگهندا. هن هاءِ ڪورٽ جي ججز جي ٻئي هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرانسفر جي معاملي ۽ سپريم ڪورٽ جي آئيني تڪرارن جي حل تي به روشني وڌي. سينيٽر آغا شاهزيب دراني چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ 50 هزار ڪيسز التوا هيٺ آهن ۽ هر سال 10 هزار نوان ڪيسز رجسٽرڊ ٿين ٿا، ان ڪري ڪيسز جي حل لاءِ عملي قدم ضروري آهن. هن چيو ته پ پ ملڪ کي 1973ع جو آئين ۽ 18هين ترميم ڏني ۽ هو 27هين ترميم کي ملڪ ۽ قوم جي مضبوطيءَ لاءِ ضروري سمجهي ٿي. پ پ اقليتن جي حقن ۽ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ به قدمن جو ذڪر ڪيو. سينيٽر عامر چشتي چيو ته ايم ڪيو ايم سان 26هين آئيني ترميم ۾ وعدو ڪيو ويو ته ان جا مطالبا 27هين آئيني ترميم ۾ شامل ڪيا ويندا پر هاڻ 28هين ترميم جو عمل جاري آهي. هن صوبن ۾ مڪاني چونڊن جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته هو ملڪ ۽ عوام سان وفادار آهن. سينيٽر قرة العين مري پي ٽي آءِ جي ميمبرن تي تنقيد ڪندي چيو ته هو صرف تصويرون هوا ۾ لوڏڻ ۽ ڪاپيون ڦاڙڻ جا ماهر آهن ۽ آئيني ترميمن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن 27هين ترميم ايوان ۾ آندي وڃي ته هو ان جي حمايت ڪندا. سينيٽر طاهر خليل چيو ته حڪمرانيءَ جو حق صرف عوام جي چونڊيل نمائندن کي حاصل آهي. هن بلوچستان ۾ تڪبندين جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته نبي ڪريمﷺ ۽ قائداعظم جي هدايت موجب سڀ برابر آهيون. هن جهنڊي جي سفيد رنگ جي معنيٰ تي به روشني وڌي جيڪو اتحاد ۽ ذميداريءَ جي علامت آهي. سينيٽر عبدالقادر چيو ته پارليامينٽري سسٽم جي عزت ۽ احترام ڪرڻ هر رياستي اداري جي ذميداري آهي ۽ دنيا ڏٺو ته ترقي يافته ملڪ پنهنجي جمهوريت کي مضبوط بڻائي عوامي فلاح کي يقيني بڻايو. هن چيو ته رياست جا 3 ٿنڀ ليجسٽر، ايگزيڪيوٽو ۽ جوڊيشري سڀني جي متوازن ڪردار سان ئي مضبوط رياست قائم ڪري سگهجي ٿي. موجوده حالتن ۾ شپريم ڪورٽ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ڪيسز التوا هيٺ آهن جنهن سبب عوام کي وقت سر انصاف نه ملي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سفارش ۽ لابنگ بدران عدليه کي عوام جي حقيقي مسئلن تي توجهه ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته فيڊرل آئيني عدالت صرف آئيني معاملن لاءِ قائم ڪئي ويندي ته جيئن عدالتي وسيلا سياسي ۽ مالياتي ڪيسز تي ضايع نه ٿين ۽ غريب عوام جي ڪيسز کي به وقت تي ٻُڌو وڃي، موجوده سول جسٽس سسٽم جو پاڪستان 124هين ۽ ڪرمنل نظام ۾ 108 نمبر تي آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بهتريءَ جي سخت ضرورت آهي. سينيٽر عبدالقادر آئيني ترميم طرف اشارو ڪندي چيو ته هي پارليامينٽ ذريعي جمهوري طريقي سان ڪئي پئي وڃي ۽ ننڍين سياسي پارٽين جي جائز مطالبن تي به عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 27هين ترميم ۾ ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ باپ پارٽي جا مطالبا تسليم ڪرڻ گهرجن ته جيئن سمورن سياسي ڌُرين جي شموليت يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ ميمبرن 27هين آئيني ترميم تي مثبت ۽ تعميري بحث جاري رکيو ۽ ملڪ جي آئيني سالميت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. پي ٽي آءِ جا ميمبر اجلاس دوران ايوان مان ٻاهر هليا ويا جڏهن ته انهن رسمي طور واڪ آئوٽ جو اعلان نه ڪيو، پرزائيڊنگ آفيسر وزيرن جي غير موجودگيءَ تي نوٽيس وٺندي چيو ته وزيرن کي اجلاس ۾ طلب ڪيو وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ترڪي ۾ افغان طالبان سان ڳالهيون، پاڪستان ثبوتن تي ٻڌل مطالبا ٽياڪڙين حوالي ڪري ڇڏيا: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته استنبول …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے