اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوبه ڊيڊ لاڪ نه آهي، وزيراعظم جي هدايت تي سندس ڇُوٽ بابت ترميم ڪميٽي مان واپس ورتي وئي آهي، وزيراعظم سمجهيو ته هو عوام ۽ قانون جي عدالت آڏو جوابده آهي، سندس اهو سٺو قدم آهي، وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ، ملڪ کي دفاعي طور تي مضبوط ڪرڻ ۽ دفاعي قوت ۾ اضافي لاءِ هڪ سٺي ترميم آندي وئي آهي، اسان جا ووٽ پُورا آهن. ڪو به ابهام نه آهي. سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪوبه ڊيڊ لاڪ نه آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڇُوٽ نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ هن ڪالهه آذربائيجان کان واپس ايندي ئي هدايت ڪئي ۽ اها شق پڻ ڪميٽي مان واپس ورتي وئي آهي. هي هڪ سٺو قدم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سمجهيو ته هو عوام ۽ قانون جي عدالت آڏو جوابده آهي. هن چيو ته سڀئي ترميمون سٺي حڪمراني، وفاق جي صوبن سان مضبوط رشتي، پاڪستان کي دفاعي طور تي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ دفاعي قوت ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ وڏي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ آنديون ويون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ رياست جي سربراهه کي ڇُوٽ حاصل هُوندي آهي، هي چوائس هُوندي آهي، سڄي دُنيا ۾ هي نظام لاڳو آهي. هن چيو ته سڄي دُنيا ۾ آئيني عدالتن جو تصور موجود آهي. ميثاق جمهوريت جي وقت کان وٺي اهو بحث هلي رهيو هو ته آئيني عدالتون هجڻ گهرجن. مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي جو اهو گڏيل مطالبو هو. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ بحث هاڻي پنهنجي منطقي انجام تي پهتو آهي. هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم ۾ هڪ آئيني بينچ ٺاهي وئي، جنهن جا ثمر سامهون آيا آهن. عدالتن تي ڪم جو بار گهٽ ٿيو آهي، جڏهن ته عدليه جي ڪارڪردگي ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته آئيني معاملا گهٽ ٿيندا آهن پر انهن تي وقت گهڻو لڳندو آهي. هن چيو ته عدالتي سڌارن ۾ سڌارا انصاف جي تيز ۽ فوري فراهمي لاءِ هڪ سٺو قدم آهن. هن چيو ته اسان جا ووٽ مڪمل آهن، ڪنهن به قسم جو ڪوبه ابهام نه آهي، اهي مثبت آئيني ترميمون آهن ۽ بهترين عالمي طريقن کي ڏسندي تيار ڪيُون ويُون آهن. وفاقي وزير چيو ته آئين هڪ زنده دستاويز آهي جنهن ۾ ارتقا جو عمل سدائين هلندو آهي ۽ ان تحت اڄ تائين 27 ترميمون ٿيُون آهن، جيڪا سُٺي ڳالهه آهي.
DailyWaka Sindhi News Papers