لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ جي زراعت کاتي طرفان ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ سپورٽ پروگرام 2025 تحت ڊي اي پي ۽ يوريا جي خريداريءَ لاءِ روڪ رقم جي سڌي ريت منتقلي واري پروگرام جي تقريب شهر جي پي ٽي ايس ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 5 هزار آبادگارن کي سڌي ريت امدادي رقم جي منتقلي ڪئي. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، زراعت کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ايم پي اي نثار احمد کهڙو، ايم پي اي جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپل پارٽي هميشه کان سمجهي ٿي ته هاري خوشحال ته ملڪ خوشحال، ڪجهه سالن کان هن حڪومت جو اتحادي سياسي پارٽي مشڪل ٿي رهيو هو ته پوري ملڪ جا هاري پريشان هئا ته پاڪستان جي زرعي معيشت کي مسلسل نقصان پهچايو پئي ويو جيڪو نقصان اسان جي هاري ۽ آبادگارن جيڪو لاڙڪاڻي، پنجاب وسيب کي کڻڻو پوندو هو، اسان کان سڀ کان وڌيڪ حڪومت جو فيصلو هو اسان سمجهون ٿا ته اهو فيصلو مناسب نه هو عالمي ادارن آءِ ايم ايم جي چوڻ تي صوبائي حڪومتن جا هٿ ٻڌي ڇڏيا ته هو خريداري ڪري سگهندا ۽ نه ئي امدادي رقم ڏئي سگهن ٿا ان سان هارين جي ڊي اي پي، يوريا ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي جنهن فيصلن سان نه صرف اسنا جي زراعت کي پر پوري ملڪ جي معيشت کي ڌچڪو لڳو، نگران حڪومت ٻاهران ڪڻڪ خريد ڪري پاڪستان جي هارين جو پئسو پرڏيهه پهچائي اسان وٽ سرپلس ٿيو، اهڙن قسم جي بين الاقوامي سطح تي معاهدا ڪيا ويا ته توهان جي ئي حڪومت کي روڪي هٿ ٻڌا ويا ته جيئن هو هارين جي مدد نه ڪري سگهن، مان وزيراعظم جو شڪر گذار آهيان، هن ڀيري ٻوڏ ملڪ ۾ آئي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اسان طرفان اِهو مطالبو ته ملڪ ۾ موسمي تبديلي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، ٻوڏ کان اڳ به اسان جا هاري ڀائر ايمرجنسي ۾ هئا ڇاڪاڻ ٻوڏ سان آبادگار ۽ هاري وڌيڪ مشڪلن ۾ هجن ها تنهن ڪري وزيراعظم اسان جي مطالبي کي مڃي زرعي ايمرجنسي جي شعبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي ته پوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت مٿان فرض آهي ته هو هارين کي مالي مدد پهچائن، ٻوڏ دوران اسان جو مطالبو هو ته ٻوڏ متاٿر وارن علائقن جي بجلي جا بل معاف ڪرڻ گهرجن، وفاقي حڪومت اهي ضلعا ۽ پنجاب ۾ جيڪي علائقا متاثر ٿيا اتان جي متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏني وئي، اسان وزيراعظم کي چيو ته امدادي رقم ۽ خريداري ۽ ٽئڪس ۾ اضافو ٿيندو، جيڪي 5 سيڪڙو ٽئڪس ادا ڪندا هئا اهي 15 سيڪڙو ٽئڪس ادا ڪندا هئا جنهن تي وزيراعظم آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون جنهن کان پوءِ صوبائي حڪومت کي اجازت ڏني وئي ته هو امدادي اگهه ۽ امدادي رقم ڏين، اسان فيصلو ڪيو ته 4 هزار روپيه مقرر ڪيو وڃي تنهن ڪري 3 هزار 500 کان بهتر آهي ته اسان کي ڪا به امدادي رقم نه ملي ها، مان وزيراعليٰ سنڌ کي گذارش ڪئي ته جيڪي ننڍا هاري آهن انهن کي مدد پهچائڻو آهي، وزيراعليٰ ۽ ان جي ٽيم منهنجي لاءِ منصوبو تيار ڪيو ته بينظير هاري ڪارڊ جي ذريعي سڌي ريت پنهنجي هارين ۽ آبادگارن جي کيسن ۾ پئسو پهچائينداسين، اڄ اهو پئسو هارين جي کيسي ۾ آهي، يوريا ۽ ڊي اي پي جو بار توهان نه پر سنڌ حڪومت کڻندي ۽ اسان توهان کي اُها سهولت ڏينداسين ته جيئن هڪ ايڪڙ کان 25 ايڪڙ جي هارين کي ڊي اي پي ۽ يوريا جي لاءِ پئسا ڏنا ويندا، هي ايترو ته وڏو منصوبو آهي جنهن سان سنڌ جي 90 سيڪڙو هارين کي هي فائدو پهچايو پيو وڃي ۽ 60 سيڪڙو سنڌ جي زرعي زمين رکندڙن کي فائدو پهچايو پيو وڃي، انشا4 الله اسان جي ڪوشش هوندا ته توهان جي مدد ڪري هارين جو آواز بڻجي انهن جي مدد ڪيون، اسين هارين جي مدد ڪيون پيا ڄڻ اسان ملڪي معيشت کي فائدو پهچائي رهيا آهيون، هن ملڪ جي معيشت هارين جي رت ۽ پگهر جي اڻٿڪ محنت سان ترقي ڪندي آهي، مان اميد رکان ٿو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت هي قدم کنيو آهي ۽ ٻيا صوبا به هي قدم کڻندا ته ان سان پاڪستان ۽ پاڪستان جي معيشت کي فائدو ٿيندو، هي سمورو منصوبو بينظير هاري ڪارڊ جي ذريعي صاف ۽ شفاف طريقي سان جاري آهي، هن پروگرام تحت سنڌ حڪومت نه پر هاري يوريا ۽ ڊي اي پي پاڻ خريد ڪندا، جيڪي پئسا هارين تي ئي خرچ ٿيندا، مان سنڌ حڪومت ۽ زراعت کاتي جي وزير جو شڪريو ادا ڪري مبارڪباد ڏيان ٿو جيڪو منصوبو ڪاميابي طرف گامزن آهي، اسلام آباد ۾ ڪافي ڪجهه ٿي رهيو آهي، هن تقريب کان پوءِ مون کي اسلام آباد پهچڻو آهي، هن وقت 27 هين آئيني ترميم سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ هلي رهيو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته آئين ڀٽو جي امانت آهي، اسان 1973ع جي آئين کي متفقه طور پاس ڪرايو ۽ 18 هين ترميم به متفقه طور پاس ڪرايو ۽ جيڪي ترميمون آيون اسان بندوبست ڪري اهي ترميمون پاس ڪرايون، جڏهن به ڪا ترميم يا قانونسازي ايندي آهي ته اسان سميت هر جماعت جي پنهنجا نظريا ۽ پنهنجون خواهشون هونديون آهن تنهن ڪري انهن سان ڳالهيون ڪري وچ وارو رستو ڪري آئيني ترميم يا قانونسازي ڪرڻي پوندي آهي، مان اڄ لاڙڪاڻي ۾ بيٺو آهيان، هن شهر جا ماڻهو 1973ع واري آئين ۽ 18 هين ترميم ۾ هن شهر جي ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو آهي، هن ملڪ جي معيشت ۾ پاڪستان جي هارين جي رت ۽ پگهر محنت شامل آهي ته ملڪ جي آئين سازي ۾ لاڙڪاڻي وارن جو رت ۽ پگهر شامل آهي، 27 هين آئيني ترميم ۾ ڪهڙي ڪاميابي آهي؟ توهان هر صوبي ۾ وڃو ۽ ٻڌايو ته اسان جي آئين ۾ هڪ ڪمزوري ۽ گهٽتائي هئي پ پ پ ان کي پورو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو آئيني عدالت آهي جنهن عدالت کي سمورن آئيني ۽ صوبن جي معاملن کي ڏسڻ گهرجي جيڪي معاملا هو ڏسندا ته برابري جي نمائندگي هجي ۽ سڀ کان وڌيڪ لاڙڪاڻي وارن کي خبر آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت ۾ برابري جي نمائندگي هجي، هن جمهوريت ۽ وفاق کي ڪيترو نقصان پهچايو ويو ۽ غلط تاثر ۽ پيغام ڏنو ويو ته لاڙڪاڻي جي وزيراعظم کي ڦاهي جي تختي تي چاڙهيو ويو ۽ ان وقت جي عدالت بدقسمتي سان بئنچ جي ميمبرن جن مان هڪ صوبي جي اڪثريت هئي ان عدالت شهيد ڀٽو سان نه صرف ناانصافي ڪئي پر هن ملڪ جي وفاق کي لوڏي غلط تاثر موڪليو جيڪو اڄ ڏينهن تائين ان جا اثر ڀوڳي رهيا آهيون، ٿي سگهي ٿو ته هڪ شق يا ٻين شقن تي ڪجهه راءِ هجن ته هن ۾ ٻي ڪا به راءِ نه هوندي ته آئيني عدالت ۾ صوبن جا برابر برابر جج هوندا ۽ سڀ جج ملڪ جا وڏا فيصلا برابري جي بنياد تي طئي ڪندا، مان توهان سڀني کي هن وڏي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ شڪريو به ادا ڪيان ٿو، ته هي تمام ڊگهي جدوجهد رهي آهي، شهيد محترمه بينيظير ڀٽو 30 سالن شهيد ڀٽو جي آئين جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، شهيد محترمه جي شهادت کان پوءِ ان آئين کي بحال ڪري چارٽرآف ڊيموڪريسي جي سمورن شرطن کي پورو ڪري ڇڏيو ۽ هڪ شرط کي پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ انشاءَ الله مان اسلام آباد وڃي اهو ڪري ڏيکاريندس. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته هاري ۽ آبادگار نه صرف اسان کي اناج فراهم ڪندا آهن پر هو ملڪ جي معيشت کي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن مان انهن کي سلام پيش ڪيان ٿو، چيئرمين هن پروگرام ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي پر اڄ پنهنجي مصروفيتن جي باوجود لاڙڪاڻي پهتو آهي. هن چيو ته هن صوبي پنهنجي تاريخ جو سڀ کان وڏي ٻوڏ 2022ع ۾ ڏٺي ان ٻوڏ دوران چيئرمين پرڏيهي وزير هو جنهن پنهنجي سمورن مصروفيتن کي ڇڏي لاڙڪاڻي ويهي سنڌ حڪومت کي چيو ته نه صرف ماڻهن کي فعال پر جن هارين جو وڏو نقصان ٿيو آهي انهن جو خيال ڪرڻو آهي، اسان دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو 21 لک گهر ٺاهڻ جو منصوبو شروع ڪيو ۽ چيئرمين هٿ وٺي ان کي ڪامياب ڪرايو، ان وقت وزيراعظم مون کي چيو ته سنڌ وارا ڪڻڪ جو به فصل ڪري نه سگهندا پر سنڌ حڪومت ڪوششون وٺي ٻوڏ جو پاڻي ڪڍرائي ڪڻڪ جي ٻج لاءِ 5 هزار في ايڪڙ ڏئي زراعت جي نيٽ ورڪ کي بحال ڪيو، سنڌ جي آبادگارن 2022ع جي ٻوڏ کان پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڪڻڪ جي پيدائش ڪئي ۽ اسان پاڪستان اندر ڪڻڪ ۾ سرپلس ٿياسين. هن چيو ته پنهنجي ڪمزورين ۽ بنا ڪنهن متبادل کي ڏسي اسان ڪڻڪ جي امدادي رقم نه ڏئي ۽ ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ جو به چيو جنهن ڪري ڪيترائي ڀيرا ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پئي يعني حڪومت پنهنجي هارين کي پئسا نه ڏنا ۽ ٻاهرن آبادگارن کي فائدو ڏئي ڪڻڪ امپورٽ ڪيو، هن سال چيئرمين چيو ته هو ڪڏهن به نه مڃيندو، وفاق ۽ آءِ ايم ايف جنهن امدادي قيمت ڏيڻ تي پابندي لڳائي ان کي نرمي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اسان گهر ڪئي ته 4 هزار ڪڻڪ جي امدادي قيمت ٿي جيڪا 3500 روپيه ٿي ۽ سنڌ حڪومت 8 کان 10 لک ڪڻڪ پنهنجي هارين ۽ آبادگارن کان خريد ڪندي ته جيئن کين پڪ ٿئي ته حڪومت انهن کان ڪڻڪ خريد ڪري ٿي. هن چيو ته اسان جو زرعي ملڪ آهي تنهن ڪري سڀ کان پهريان زراعت کي سنڀالڻو پوندو ۽ چيئرمين چيو ته هڪ اسڪيم ٺاهيو جنهن اسڪيم جو اڄ افتتاح ٿي چڪو آهي هن اسڪيم تحت 56 بلين جي امدادي رقم ڏني ويندي جنهن سان هو يوريا ۽ ڊي اي پي جي ٻوري خريد ڪندا. هن چيو ته گهرن جي اڏاوت لاءِ پهرين قسط 75 هزار روپيا هئي ۽ زراعت کاتو ۽ روينيو کاتو ان ڳالهه جي پڪ ڪندا ته جيڪي پئسا مليا ته توهان يوريا ۽ ڊي اي پي خريد ڪيو آهي يا نه، ان سان ڪڻڪ جي پيدوار بهتر ٿيندي، اڳ في ايڪڙ پيداوار 32 کان 33 مڻ هئي اها 28 مڻ تائين پهچي وئي ۽ هاڻي توهان کي گهٽ ۾ گهٽ 35 مڻ في ايڪڙ پيداوار ڪيو جنهن سان توهان کي في ايڪڙ تي گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار روپين جو فائدو ٿيندو جنهن سان ئي توهان هن اسڪيم مان بهتر فائدو وٺي سگهندا، آءِ ايم ايف جي پابندي آهي پر سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي فصل لاءِ ايندڙ 6 مهينن ۾ ويٽ ايڪسيچنج ٺاهيندي جنهن ۾ اسان هر طريقي سان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته هارين ۽ آبادگارن کي پنهنجي فصل جي صحيح قيمت ملي اهڙي طريقي سان سارين جي لاءِ به اسن ايگريڪلچر پراڊڪٽ جي ايڪسينچ بڻائينداسين ته جيئن هارين ۽ آبادگارن کي پنهنجي محنت جو پورو صلو ملي. هارين کي گهرجي ته هن پروگرام مان فائدو وٺن جيسيتائين اسان پنهنجي هارين ۽ آبادگارن جو خيال نه رکنداسين تيسيتائين هي ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه ڀٽو جي ويزن مطابق هارين ۽ آبادگارن سان هميشه گڏ بيٺا رهنداسين ڇاڪاڻ توهان جي خوشحالي ملڪ جي خوشحالي آهي، توهان کي تڪليف پهتي ته ملڪ ترقي نه ڪندو، هن پروگرام جي ڪاميابي لاءِ سنڌ حڪومت کي جيڪي قدم کڻڻا پيا سنڌ حڪومت اهي قدم کڻندي. زراعت کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جنهن ۾ زراعت شعبي 24 سيڪڙو آمدني ڏئي ٿو جيڪو شعبو 40 کان 50 سيڪڙو ملازمت جا موقعا فراهم ڪندو آهي، پوري پاڪستان ۾ 23 زراعت سنڌ صوبي سان آهي، زراعت کي سڀ کان وڌيڪ نقصان موسمياتي تبديلي جي ڪري ٿيو آهي ان لاءِ سڄي ريجن کي گڏ ٿيڻو پوندو ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري موسمياتي تبديلي تي عالمي سطح تي ڀرپور آواز اٿاريو جنهن جا مثبت مرتب ٿيا آهن، فصل پوکڻ سان ڪڏهن ڏڪار ۽ ڪڏهن ٻوڏ ايندي آهي تنهن ڪري ان سان فصل جي پوکائي گهٽ ٿي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته وزيراعليٰ سنڌ جي سربراهيءَ ۾ موسمياتي تبديلي کان فصلن جي ٻج کي محفوظ رکون، فصلن جا خرچ وڌڻ جي ڪري خوشحال آبادگار کي به نقصان ٿي رهيو آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان ڪڻڪ جي امدادي رقم 3500 روپيه ملي آهي، چيئرمين جي ويزن جي مطابق ڪڻڪ جي آبادگارن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ هي قدم کنيو آهي. چيئرمين ان لاءِ ايمرجنسي لڳائڻ جي ڳالهه به ڪئي هئي ۽ واقعي قدرتي طور ۽ موسمي تبديلي جي ڪري به زراعت شعبي جون اهڙيون حالتون آهن جو اهڙا قدم کڻڻ گهرجن ۽ پنهنجي پاليسي کي به نظرثاني ڪرڻي پوندي جنهن ۾ آءِ ايم ايف جا شرط ۽ وفاقي حڪومت جون پاليسيون شامل آهن. هارين کي امدادي اگهه نه ملڻ، ڀاڻ ۽ ڊي اي پي جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ٿيڻ ۽ زراعت تي ٽئڪس لڳائڻ جي ڪري هارين ۽ آبادگارن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي پر چيئرمين جي ڪري اسان کي ڪڻڪ جي امدادي اگهه مليو ۽ ٽئڪس جي حوالي سان ڪا رليف مليو آهي، چيئرمين جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف جي شرطن تي نرمي ٿيندي. هن چيو ته فصل جو امدادي اگهه نه ملڻ ۽ زراعت شعبي تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ سان ڪڻڪ جو فصل گهٽ ٿيو آهي جنهن سان ڪڻڪ جا آبادگار ٻئي ڪنهن متبادل فصل ڏانهن وڃي رهيا هئا جنهن سان اسان کي غذائي کوٽ جو مسئلو درپيش اچي ها ڇاڪاڻ ماضيءَ ۾ به غلط پاليسين ۽ غلط فيصل ڪرڻ سان اسان کي ٻاهران ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻو پوندو هو جنهن کان پوءِ چيئرمين ڪڻڪ جي امدادي اگهه 3500 روپيه مقرر ڪيو، پوءِ اسان جو مطالبو هو ته امدادي اگهه 4 هزار روپيه هجي جنهن سان هارين ۽ آبادگارن جي بهتري ٿئي ها پر امدادي اگهه مقرر نه ڪرڻ جي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي آهي تنهن ڪري هن پروگرام تحت اسان 4 لک 11 هزار هارين جو ٽارگيٽ رکيو جن مان 3 لک 60 هزار جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي ۽ 3 لک هارين جي تصديق به ٿي وئي آهي جن جي لاءِ 55 بلين جو پيڪيج تيار ڪيو آهي ان مان اسان هارين کي 8 بلين سڌي ريت روڪ رقم ڏئي چڪا آهيون، ان ۾ پروگرام جي شفافيت جي لاءِ ضروري هو ته جن هارين وٽ بينظير هاري ڪارڊ آهن انهن جي رجسٽرد اڪائونٽ ۾ سنڌ بئنڪ ذريعي سڌي ريت رقم منتقل ڪنداسين، جيڪو انقلابي قدم آهي، اڄ هن پروگرام ۾ چيئرمين بٽن جي هڪ ڪلڪ سان 5 هزار کان وڌيڪ مستحقن کي سڌي ريت امدادي رقم جي منتقل ڪيو آهي، هي ڪڻڪ جي آبادگار ۽ هارين ۽ پاڪستان جي معيشت لاءِ سٺو قدم آهي ڇاڪاڻ سنڌ ملڪ کي 40 سيڪڙو ڪڻڪ فراهم ڪندو، تنهن ڪري زراعت شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهڙي قسم جا قدم کڻڻ ضروري آهن. هن چيو ته گذريل سال اسان 4 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٽارگيٽ مقرر ڪيو هو، هڪ ايڪڙ کان 25 ايڪڙ زمين رکندڙ هاري جلد کان جلد بينظير هاري ڪارڊ ٺهرائن جيڪي آن لائين ۽ آف لائين رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا ان مان ائين ٿيندو ته جن جي اڳ رجسٽريشن ناهي ٿي هينئر انهن جي رجسٽريشن ايندڙ پروگرامن جي لاءِ اسان کي فائدو ڏيندو، هينئر اسان ڪڻڪ جي هارين جي لاءِ هي قدم کنيو آهي ۽ هارين جي لاءِ ٻيا به منصوبا پائيپ لائين ۾ آهن، ڪلراٺي زمين کي پيدوار جي لائق بڻائڻ، فارم ميڪنائزيشن، واٽر مئنجمينٽ، واٽر ڪنزويشن، ڊرپ ايريگيشن سسٽم، واٽر اسپينڊنگ سميت ٻيا پروگرام آهن، رجسٽرڊ هارين کي قرض سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته زراعت کي جديد بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان وٽ بهترين سائنسدان به آهن، زراعت جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته زرعي يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن ان لاءِ گهوٽڪي ۾ زرعي يونيورسٽي ٺهي رهي آهي.
DailyWaka Sindhi News Papers