اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. خميس ڏينهن بلاول هائوس ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ ڪميٽي جي اجلاس ٿيو هو. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن ڪارساز سانحي سميت سمورن جمهوريت جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم بابت حڪومتي درخواست تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ملڪ جي مجموعي صورتحال تي پارٽي قيادت کي تجويزون پيش ڪيون. اجلاس ۾ سمورن ميمبرن ۽ خصوصي طور تي گهرايل اڳواڻن شرڪت ڪئي جن ۾ صدر آصف علي زرداري، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، فريال ٽالپر، سيد قائم علي شاهه، راجا پرويز اشرف، خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، نثار کهڙو، سينيٽر شيري رحمان، سيد نويد قمر، مخدوم جميل الزمان، منظور وساڻ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا اجلاس کان پوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته (ن) ليگ جو هڪ وفد پيپلز پارٽي وٽ آيو ۽ 27هين آئيني ترميم جي حمايت جي ڳالهه ڪئي. 27هين ترميم ۾ آئيني عدالت، ايف ايف سي، ايجوڪيشن، پاپوليشن پلاننگ، ايگزيڪٽو مئجسٽري، ججز ٽرانسفر، اليڪشن ڪميشن بابت تجويزون هيون بلاول ڀٽو چيو ته آرٽيڪل 243 ۾ حڪومت تبديليون آڻڻ جو سوچيو آهي ۽ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي صرف انهي ترميم جي حمايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته صوبائي شيئر بابت شق کي پيپلز پارٽي رد ڪري ٿي، ڪنهن به صورت ۾ انهي تجويز جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهيون. ايف ايف سي فارمولي ۾ تبديلي سميت 27هين ترميم جي تجويز جا ٻيا پوائنٽ به پوري طرح رد ڪيا ويا آهن آئيني عدالت جي قيام بابت ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ هو ته آئيني عدالت هجڻ گهرجي پر ميثاق جمهوريت ۾ ٻيون شيون به هيون، آئيني عدالت تي راءِ اها آهي ته چئني صوبن جي برابر نماندگي هجي
DailyWaka Sindhi News Papers