بريڪنگ نيوز

27 آئيني ترميم سنڌ ورهائڻ ۽ وسيلن تي قبضي جي سازش قرار، قومپرست ڌرين پاران مزاحمت جو اعلان

ڄامشورو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي قومپرست ڌرين 27هين آئيني ترميم کي ”سنڌ روهائڻ جي سازش“ قرار ڏيندي 11 نومبر تي احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڄامشورو ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي (ايس يو پي) جي ميزباني هيٺ 27هين آئيني ترميم ذريعي پارلياماني نظام، صوبن جي خودمختياري، ناڻي تي قبضي ۽ جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند خلاف غور ويچار لاءِ وطن دوست ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ جماعتن سميت مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن کي اهم گڏجاڻي ٿي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ستاويهين آئيني ترميم حقيقت پاڪستان جي وفاقي نظام جي بنيادن کي لوڏڻ واري ترميم آهي. زين شاهه چيو ته تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم سان سويلين بالادستي ختم پئي ڪئي وڃي، عدالتي نظام کي تباهه ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان ذريعي نوان صوبا ٺاهي سنڌ جي جاگرافي سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش به ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي مالي وسيلن، جن کي اين ايف سي ايوارڊ ذريعي آئيني تحفظ حاصل آهي، ان تحفظ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. زين شاهه جو چوڻ هو ته اسان سنڌ ورهائڻ، سنڌ کپائن واري سوچ ۽ عدالتي نظام جي تباهي واري ٽه نڪاتي ايجنڊا جي سخت مزاحمت ڪنداسين ۽ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته 27هين آئيني ترميم سنڌ جي وسيلن تي قبضي ۽ آزاد عدليا جي خاتمي جو مسودو آهي. ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ ورهائڻ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي وارا نڪتا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو ٿي ويو

اسلام  آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي آذربائيجان هليو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے