بريڪنگ نيوز

وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو ٿي ويو

اسلام  آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي آذربائيجان هليو ويو هو آذر بايجان جي يوم فتح جي 5هين سالگراه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار وفاقي وزير عطا تارڙ سميت ٻيا شامل آهن رپورٽ موجب وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي وزيراعظم باڪو ۾ يوم فتح جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو وزيراعظم شهباز شريف صدر سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي سمورن پاسن جو جائزو ورتو ويندو واپار سرمايو لڳائڻ توانائي دفاع تعليم ۽ علاقائي رابطن سميت تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي پاڪستان ۽ آذڙڀائيجان جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن  جيڪي گڏيل عقيدي تاريخ ثقافت ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن ٻئي ملڪ علاقائي ، پرڏيهي فارمز جي جهڙي اسلامي تعاون تنظيم ، اقتصادي تعاون تنظيم ۽ گڏيل قومن ۾ ويجهو گڏيل سهڪار رکن ٿا

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

27 آئيني ترميم سنڌ ورهائڻ ۽ وسيلن تي قبضي جي سازش قرار، قومپرست ڌرين پاران مزاحمت جو اعلان

ڄامشورو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي قومپرست ڌرين 27هين آئيني ترميم کي ”سنڌ روهائڻ جي سازش“ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے