بريڪنگ نيوز

قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، ڀارتي پراڪسي فتنته الخوارج جا 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ ڀارتي پراڪسي فتنته الهندستان جا 4 دهشتگرد مارجي ويا آءِ ايس پي آر موجب پهرين نومبر جي رات سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، انهي ڪارروائي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنته الهندستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي عمل ۾ آندي وئي هئي اهم آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي موثر طريقي سان نشانو بنايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي سرپرستي يافته 4 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگرد مختلف تخريبي ۽ دهشتگردانه ڪارروائين ۾ ملوث رهيا هئا. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن جي دوران هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي پاڪ فوج جي ترجمان موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن به ڀارتي سرپرستي يافته دهشتگرد کي ڳولا ڪري ختم ڪري سگهجي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عزم استحڪام ويزن جي تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري طاقت سان جاري رکيو ويٺا آهن آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اها مهم ڀرپور انداز ۾ جاري رهندي ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن 4 ڀارتي پٺڀرائي يافته دهشتگردن جي خاتمي کي قومي سلامتي جي لاءِ اهم قرار ڏنو صدر آصف زرداري سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عزم ۽ استقلال جي تعريف ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ ۽ دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن ملڪ عناصرن جي خلاف آپريشن عزم استحڪام جي تسلسل کي قومي سلامتي جي لاءِ اهم قرار ڏنو وزيراعظم شهباز شريف به قلات ۾ فتنته الهندستان جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن  ۽ اهلڪارن جي تعريف ڪئي آهي. هن ڀارتي پٺڀرائي دوران 4 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي پيشوارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته دهشتگردي جو تمام جلد مڪمل مان خاتمو آندو ويندو، دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکنداسين. ملڪ جي حفاظت لاءِ مون سميت سموري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به قلات ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ فورسز جي پيشوارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي محسن نقوي چيو ته 4 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. فورسز وقت تي ڪارروائي ڪري ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنايو. قوم فتنته الهندستان جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو عبرتناڪ انجام واضح پيغام آهي ته پاڪستان ۾ انهي فتني کي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪري رهي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے