دوحه / اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سماجي انصاف، جامع ترقي ۽ عالمي يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي غربت جي خاتمي، مهذب ڪم کي فروغ ڏيڻ ۽ سڀني جي لاءِ برابري ۽ انساني حقن کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ سماجي ترقي جي لاءِ ٻي عالمي سربراهي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر دوحه سياسي پڌرنامي جي لاءِ مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته ٺوس ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جو ويزن دوحه پڌرنامي جي روح سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان عوام کي پاليسي جي مرڪز ۾ رکڻ تي ثابت قدمي سان ڪاربند آهي. صدر پاڪستان جي ترقي جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو حوالو ڏنو جنهن مالي مدد، هيلٿ ڪيئر ۽ تعليم جي ذريعي 90 لک خاندانن کي بااختيار بڻايو آهي. هن چيو ته اهو قدم عالمي سطح تي سماجي تحفظ جي بهترين ماڊلز مان هڪ جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو. صدر آصف علي زرداري پائيدار ترقي جي هدفن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ خواندگي کي 90 سيڪڙو تائين وڌايو ۽ هر ٻار جي اسڪول وڃڻ کي يقيني بڻايو ويندو. صدر نيشنل يوٿ انٽرن شپ پروگرام ۽ گرين اينڊ ريزيلينٽ هائوسنگ پراجيڪٽس جهڙن قدمن جو پڻ ذڪر ڪيو جن جو مقصد نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مينگرو ۽ بحالي جهڙي فطرت تي ٻڌل حل جي ذريعي ڪلائميٽ ريزيلينس کي مضبوط بڻائڻ آهي. صدر پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزين تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان کي 240 ملين پاڪستانين جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو. هن چيو ته دوحه پڌرنامي کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ عالمي مالياتي سڌارن، قرضن ۾ ريليف، برابر ٽيڪس ۽ وسيع سماجي تحفظ جي ضرورت آهي ۽ دنيا کي وقار، برابري ۽ يڪجهتي جي ٽن ٿنڀن جي چوگرد متحد ٿيڻو پوندو. صدر فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ، نسل پرستي ۽ وڏي پئماني تي فاقه ڪشي جي مذمت ڪندي هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن جو مطالبو ڪيو. هن ڪشميري عوام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته انصاف ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ۾ ٻئي جدوجهد هڪ ئي سِڪي جا ٻه رخ آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته ترقي جي شروعات ۽ پڄاڻي ماڻهن جي بهتري سان ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي سمورن اختلافن کان مٿانهون ٿي همدرديءَ ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ گهرجي.
DailyWaka Sindhi News Papers