بريڪنگ نيوز

27هين آئيني ترميمي بل 7 نومبر تي سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) 27هين آئيني ترميمي بل 7 نومبر تي سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جون قائمه ڪميٽيون بل جو اجلاس ۾ جائزو وٺنديون.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته 27هين آئيني ترميم جو بل ايندڙ هفتي منظور ڪيو ويندو. ياد رهي ته وفاقي حڪومت 27هين آئيني ترميم جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. 27هين آئيني ترميم ۾ آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪئي ويندي جنهن جو مقصد آرمي چيف کي ڏنل فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئين ۾ شامل ڪرڻ ۽ انهي کي مڃڻ آهي.مجوزه ترميم ۾ آئيني عدالتن جو معاملو به شامل آهي، ايگزيڪٽو جي مئجسٽريٽ پاور جي ڊسٽرڪٽ ليول تي ورهاست تي به مجوزه ترميم ۾ شامل هوندي. انهي سان گڏ پوري ملڪ ۾ هڪ ئي نصاب جو هجڻ به 27هين ترميم جي تياري ۾ غور هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪري رهي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے