بريڪنگ نيوز

ارڙهين ترميم ۾ صوبن ۽ مرڪز وٽ جيڪي وسيلا آهن انهن کي بيلنس ڪرڻ جي ضرورت آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته 18هين ترميم ۾ صوبن ۽ مرڪز وٽ جيڪي وسيلا آهن انهن کي بيلنس ڪرڻ جي ضرورت آهي.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته آئين ڪنهن به ملڪ جو مقدس دستاويز هوندو آهي پر آخري اکر ناهي هوندو، آئين ۾ بهتري جي لاءِ ترميم ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ 26هين ترميم ٿي چڪي آهي، پارليامينٽ جي اڪثريت جيڪڏهن متفق هجي ته آئين ۾ ترميم ٿيندي آهي، 26هين ترميم کان پوءِ جن شين تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن اهي ٿينديون رهنديون.سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو ته ائين به ناهي ته اسان صبح جو 27هين ترميم آڻي رهيا آهيون، مثبت ڳالهيون ۽ بحث جمهوريت جو حسن آهي ۽ ائين ٿيڻ گهرجي، مختلف شيون آهن جن تي پارليامينٽرين ۽ مختلف پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. بنيادي مسئلن تي ڳالهيون  ٿينديون رهيون آهن، فوري طور تي اهي شيون ناهن ٿينديون.راڻا ثناءُالله چيو ته 18هين ترميم مان مسلم ليگ(ن) کي ڪوبه مسئلو نه آهي.   18هين ترميم صوبي ۽ فيڊريشن جي وچ ۾ وسيلن جي ورهاست بابت آهي. 18هين ترميم ۾ صوبن ۽ مرڪز وٽ جيڪي وسيلا آهن انهن ۾ بيلنس ڪرڻ جي ضرورت آهي.وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته 18هين ترميم جي وسيلن، ورهاست تي ڊگهي وقت کان ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن. انهي وقت جي حساب سان 18هين ترميم ۾ وسيلن جي ورهاست کي بيلنس طئي ڪيو ويو. هاڻ جيڪڏهن عملي طور تي فرق آيو آهي ته انهي تي ڳالهيون ۽ غور، فڪر ڪرڻ ۾ ڪوبه حرج نه آهي. اتفاق راءِ ٿي ويندو ته ترميم ٿي ويندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪري رهي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے