ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز جي فراهمي جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ واري آهي.سنڌ جي سينئر وزير طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ٽرانسپورٽ کاتي طرفان عورتن کي مفت ٽريننگ سان گڏ مفت لائسنس به فراهم ڪيا پيا وڃن. شاگردياڻين ۽ نوڪري ڪندڙ عورتن کي اسڪوٽيز جي فراهمي جو مقصد انهن کي روزاني جي سفري مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي.هن چيو ته عورتون ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائين، تربيتي ڪورسز ۾ حصو وٺن ۽ پنڪ اسڪوٽيز پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ پنڪ اسڪوٽيز جي منصوبي کي عوام طرفان ڀرپور موٽ ڏني پئي وڃي. درجنين عورتن ڊرائيونگ سکي ۽ لائسنس حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي روزاني مصروفيتن جي لاءِ پنڪ اسڪوٽيز تي عمل ڪيو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته وڌ کان وڌ عورتون انهي سهوليت مان فائدو کڻن ۽ محفوظ، باوقار انداز ۾ پنهنجون تعليمي پيشوارانه سفر کي جاري رکن.هن چيو ته پيپلز بس سروس، پنڪ بس سروس، اليڪٽرڪ بس سروس ۽ هاڻ پنڪ اسڪوٽيز جهڙن منصوبن جو مقصد شهرين کي سستي، محفوظ ۽ باوقار سفري سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور تي مضبوط بنائڻ صرف هڪ حڪومتي منصوبو ناهي پر پيپلز پارٽي جي سياسي ۽ انساني فلسفي جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي بااختيار بنائڻ پيپلز پارٽي جي نظرياتي سفر جو مرڪزي ٿنڀ آهي، اهو مشن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي انهي وزن جو تسلسل آهي. اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخواستون سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ويب سائيٽ تي جمع ڪرائي سگهجن ٿيون.
DailyWaka Sindhi News Papers