پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي آزادي وقت جي ضرورت آهي. ڀارت ۾ مسلمانن سميت اقلين تي ظلمن جو بازار گرم آهي، گلگت بلتستان جي عوام ملڪي ترقي جي لاءِ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي، گلگت بلتستان جا پهاڙ معدنيات سان مالا مال آهن.گلگت بلتستان جي 78هين يوم آزادي تي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري پريڊ جو معائنو ڪيو. صدر آصف زرداري کي گورنر بلتستان جشن آزادي جي تقريب ۾ روايتي ٽوپي پارائي، صدر تقريب ۾ مهمان خاص جي طور تي شريڪ ٿيو.تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پهرين نومبر 1947ع تي گلگت بلتستان جي عوام عظيم قربانيون ڏئي آزادي حاصل ڪئي. آزادي جي جنگ ۾ قربانيون ڏيندڙن کي سلام پيش ڪريون ٿا. گلگت بلتستان جي عوام کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.صدر چيو ته گلگت بلتستان کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ملڻ گهرجن، هتي هر وادي ۾ اسڪول هجڻ گهرجن، گلگت بلتستان معدنيات سان مالا مال آهن، اهي پهاڙ اوهان جو ۽ منهنجو سرمايو آهن، هتي سياحت کي هٿي ملي سگهي ٿي، گلگت بلتستان کي پنهنجي ايئر لائن به ملڻ گهرجي.صدر چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن سان ظلم جو بازار گرم آهي. ڀارت ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي انتها تي پهچي چڪي آهي، والاريل جمون، ڪشمير جي آزادي وقت جي ضرورت آهي، والاريل ڪشمير ڊگهي وقت کان ڀارت جي ظلمن جو شڪار آهي.هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي جي نشاني آهي، چين اسان جو دوست ۽ ڀائيوار ملڪ آهي، سي پيڪ فيز ٽو ڪاميابي سان پنهنجا مرحلا طئي ڪري رهيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته گلگت بلتستان کي ٻين صوبن جيان ترقي يافته ڏسڻ چاهيون ٿا، گلگت بلتستان ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪندو.
DailyWaka Sindhi News Papers