بريڪنگ نيوز

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪئمپ تي حملي جي ڪوشش ناڪام، 6 خارجي مارجي ويا

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز آپگهاتي حملو ناڪام بڻائيندي 6 خارجين کي دوزخ ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب، اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ خارجين سيڪيورٽي فورسز تي آپگهاتي حملي جي ڪوشش ڪئي، جيڪا فورسز ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ 6 دهشتگرد ماريا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ خارجي بارود سان ڀريل گاڏي سيڪيورٽي فورسز جي ڪئنپ جي ڀِت سان ٽڪرائي، جنهن سبب ڌماڪو ٿيو، جڏهن ته 3 ٻيا دهشتگرد ڪئمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، وقتائتي ۽ دليراڻي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ٽئي دهشتگرد ڪئمپ ٻاهران ئي مارجي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه ٿيو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران افغان طالبان جي حمايت يافتا 88 خارجي ماريا ويا آهن ۽ آخري خارجي جي خاتمي تائين پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي دفاع لاءِ مضبوطيءَ سان مقابلو ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ فتنه الخوارج جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباس ڏيندي 6 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکندو، فتنه الخوارج ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن جي پاڪستان جي حوالي سان ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي ملڪ جي دفاع جي اڻٿڪ عزم ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر سان فيلڊ مارشل جي ملاقات ، افغان سرزمين تان سرحد پار حملن جي سخت مذمت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے