بريڪنگ نيوز

سنڌ حڪومت هر مذهب، برادري ۽ طبقي جي خوشين ۾ برابر جي شريڪ آهي: ڊاڪٽر شام سُندر آڊواڻي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)اقليتي معاملن بابت وزيراعليٰ سنڌ جو خاص مددگار ڊاڪٽر شام سُندر آڊواڻي سنڌ حڪومت پاران ديوالي جي موقعي تي 250 هندُو خاندانن ۾ مالي امداد جا چيڪ ورهايا ويا۔ ڪراچي 17 آڪٽوبر: سنڌ حڪومت پاران ديوالي جي خوشيءَ جي موقعي تي 250 هندُو خاندانن ۾ مالي امداد جا چيڪ ورهائڻ جي تقريب منعقد ٿي۔ اها تقريب سنڌ حڪومت جي اقليتي معاملن واري کاتي جي انتظام هيٺ ڪراچي ۾ شاندار نموني سان ٿي، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي اقليتي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شام سُندر آڊواڻي، اقليتي معاملن واري سيڪريٽري انجُم اقبال ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي۔ ڊاڪٽر شام سُندر آڊواڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ منشور موجب سنڌ حڪومت هر مذهب، برادري ۽ طبقي جي خوشين ۾ برابر جي شريڪ آهي۔ هن چيو ته ديوالي جي هن خوشگوار موقعي تي سنڌ حڪومت اقليتي برادري سان اظهارِ يڪجهتي طور تي غريب ۽ مستحق خاندانن کي مالي امداد تحفي طور پيش ڪري رهي آهي، جيئن اهي به هن خوشيءَ ۾ شامل ٿي سگهن۔ ڊاڪٽر آڊواڻي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڌرتي رواداري، امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿي ۽ سنڌ حڪومت جو مقصد اقليتي برادري جي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي معاشي طور مستحڪم بڻائڻ آهي۔ ان موقعي تي اقليتي معاملن واري سيڪريٽري انجُم اقبال به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اقليتي برادري جي ڀلائي ۽ فلاح لاءِ ڪيترائي منصوبه شروع ڪيا آهن، جن ۾ تعليمي اسڪالرشپس، شادي گرانٽ ۽ مذهبي موقعن تي مالي امداد شامل آهي۔ تقريب دوران خوشي، محبت ۽ ڀائيچاري جو جذبو نمايان رهيو۔ هندُو برادري جي شرڪت ڪندڙن سنڌ حڪومت جي هن قدمن تي خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا قدم صوبَي ۾ مذهبي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا۔

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے