بريڪنگ نيوز

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عوام ٽي ايل پي ۽ تحريڪ انصاف جي احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي آهي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو، سڄي ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ زندگي روان دوان آهي، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير اجلاس ۾ ويهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکي، وزيراعظم جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه جي امن امان بابت اجلاس ۾ وڏي وزير جي موجودگي ضروري هئي، معرڪه حق کانپوءِ پاڪستانين کي تمام گهڻي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي. اهم ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ افغان پناهگيرن جي واپسي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وقت ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا جڏهن ته اڳوڻن فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو ويو. وفاقي وزير ٻڌايو ته اجلاس ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ چئني صوبائي حڪومتن جا نمائندا شريڪ هئا جڏهن ته وڏن وزيرن مان رڳو خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي موجود نه هو، ان جي نمائندگي مزمل اسلم ڪئي جنهن تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پنهنجو موقف پيش ڪيو پر جڏهن صوبي جي سيڪيورٽي، امن امان ۽ ماڻهن جي تحفظ جي ڳالهه هجي ته ضروري آهي ته وڏو وزير پاڻ موجود هجي. هن چيو ته اجلاس ۾ ٻين معاملن سان گڏوگڏ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين تي پڻ ڳالهه ٿي. ان موقعي تي مزمل اسلم پاران ٻڌايو ويو ته شهيد پوليس اهلڪارن لاءِ معاوضو پڻ ڏنو پيو وڃي ۽ ان پروگرام کي جاري رکيو آهي پر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اسلام آباد ۾ موجود هجڻ جي باوجود اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ هڪ سياسي چال کانسواءِ ڪجهه نه آهي جنهن جو نقصان رڳو عوام کي ٿئي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته امن امان جي حوالي سان بريفنگ مان غيرحاضري جي ڪري ان کي بيڪ گرائونڊ جي ڄاڻ نه هوندي ۽ کيس سمجهڻ ۾ وقت لڳندو، امن امان جي حوالي سان سياست کيڏڻ افسوسناڪ آهي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي شايد سوشل ميڊيا تي داد ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ته ضرور حاصل ٿي ويندي پر جڏهن صوبي جي عوام يا ملڪ جي لاءِ حقيقي فيصلا ڪرڻ جو وقت ايندو ته هي سدائين پٺتي رهندو ڇو ته هي اجلاس ۾ ويهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکي. پي ٽي آءِ ۽ ٽي ايل پي جي احتجاج جي ڪال جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽي ايل پي ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ هڙتال جي ڪال عوام رد ڪري ڇڏي آهي، جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ زندگي جو ڪاروهنوار معمول موجب رهيو، رستن تي رش ۽ گهماگهمي، بازار ۽ مارڪيٽون کليل رهيون جڏهن ته عوام غزه ۽ فلسين جي معاملي تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطين جي مسئلي تي سدائين ڀرپور ۽ اصولي موقف اختيار ڪيو آهي، پاڪستان هر عالمي فورم تي مظلوم فلسطيني عوام جو آواز بلند ڪيو ۽ اسرائيلي ظلمن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي. پاڪستان جو اهو ئي موقف رهيو آهي ته آزاد فلسطيني رياست هجي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته پاڪستان جي موقف کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي جيڪا اسان جي پرڏيهي پاليسي جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم کي عالمي فورمز تي جيڪا عزت ۽ وقار حاصل ٿيو، خاص طور تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران جيڪا عزت ڏني وئي، اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۽ سائي پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ٿيو آهي، معرڪه حق کانپوءِ پاڪستانين کي سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي، پاڪستان جا شهري جتي رهن ٿا انهن جي عزت ۽ احترام ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ٽي ايل پي پاران ڏني ويندڙ احتجاج ۽ هڙتال جي ڪال کي عوام، واپارين، ڪاروباري برادري ۽ چيمبرز رد ڪري ڇڏيو آهي. نه ڪو مظاهرو ٿيو، نه ئي ڪاروباري زندگي متاثر ٿي. هن چيو ته بي مقصد احتجاجي ڪالن جو انجام اهو ئي ٿيندو آهي ته عوام ان کي رد ڪري ڇڏي ٿي ڇو ته عوام ترقي، استحڪام ۽ امن چاهي ٿي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر سان فيلڊ مارشل جي ملاقات ، افغان سرزمين تان سرحد پار حملن جي سخت مذمت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے