اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي، جنهن دوران صدر آصف زرداري ۽ فيلڊ مارشل جي وچ ۾ داخلي، خارجي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدر آصف زرداري سان ملاقات ايوان صدر ۾ ٿي. ملاقات ۾ فيلڊ مارشل صدر آصف زرداري کي ملڪ جي داخلي، خارجي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني فيلڊ مارشل افغان طالبان حڪومت جي جارحانه ۽ چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين ۽ انهي سان پيدا ٿيل سيڪيورٽي صورتحال کان به آگاهه ڪيو. فيلڊ مارشل افغان طالبان حڪومت جي جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج جي محتاظ ۽ موثر ڪارروائين کان به آگاهه ڪيو پڌرائي موجب صدر آصف زرداري پاڪ فوج جي طاقت، جرئت، صلاحيت ۽ تياري تي مڪمل ڀروسي جو اظهار ڪيو. صدر آصف زرداري ملڪي سرحدن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي چوڪسي ۽ مهارت جي تعريف ڪئي. صدر افغان بارڊر تي سرحد پار حملن جو فوري ۽ پيشوارانه جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج جي مهارت جي به تعريف ڪئي صدر آصف علي زرداري افغان سرزمين تان سرحد پار حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته افغان علائقي مان حملا پاڪستان جي خودمختياري جي کليل خلاف ورزي آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر هٿياربند فوج جي جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته افغان طالبان حڪومت دوحه معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغان طالبان دهشتگردن کي محفوظ پناهگاهون فراهم ڪري رهيا آهن جيڪي خطي جي ملڪن جي لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن، اهڙا قدم پوري خطي بشمول پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته افغان حڪومت وسيع البنياد نمائنده حڪومت جي قيام جي واعدي تان ڦري رهي آهي. افغان طالبانن اقتدار تي اجاره داري قائم ڪري رکي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪ فوج اسپن بولدڪ ۽ ڪرم سيڪٽر ۾ حملا موثر انداز ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيا. هن چيو ته افغان عملدار پنهنجي سرزمين دهشتگردي ۽ پاڪستان مخالف سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏين، اهڙا حملا خطي جي امن ۽ دوستي جي لاڳاپن کي نقصان پهچائين ٿا. هن چيو ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو، پاڪستان جي خلاف ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور ۽ واضح جواب ڏنو ويندو.
