بريڪنگ نيوز

افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جا اسپن هولدڪ ۾ چئن هنڌن تي حملا، 20 طالبان مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان طرفان قنڌار ۽ ڪابل ۾ افغان طالبان ۽ خارجين جي ٿاڪن تي ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪئي وئي آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب، شهري آباديءَ کان الڳ سمورا هدف احتياط سان چونڊيا ويا ۽ انهن کي ڪاميابي سان تباهه ڪيو ويو.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ فتنه الهندستان جي مرڪز ۽ قيادت کي نشانو بڻايو ويو.سيڪيورٽي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪ فوج قنڌار ۾ افغان طالبان جي بٽالين هيڊڪوارٽر نمبر 4، 8 ۽ بارڊر بريگيڊ نمبر 5 جي هدفن کي نشانو بڻايو .پاڪ فوج  بلوچستان جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ 4 هنڌن تي افغان طالبان جا بزدلاڻا حملا ناڪام  بڻائي ڇڏيا آهن جڏهن ته 15 کان 20 افغان طالبان مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، ڪرم سيڪٽر ۾ به افغان پوسٽن کي وڏو نقصان پهتو آهي. پاڪ فوج جي جوانن جي اثرائتي جواب ۾ 06 ٽينڪن سميت 08 چوڪيون تباهه ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه 15 کان 30 افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي ويڙهاڪن کي جهنم ڀيڙو ٿيڻ جا اطلاع آهن. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب 15 آڪٽوبر تي صبح جو سوير افغان طالبان بلوچستان جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ چئن هنڌن تي بزدلاڻا حملا ڪيا. پاڪستاني فورسز حملن کي موثر انداز ۾ ناڪام بڻايو، بدقسمتي سان اهي حملا علائقي جي ويجهن ڳوٺن ذريعي ڪيا ويا جنهن ۾ شهري آبادي جو به خيال نه ڪيو ويو. افغان طالبان پاڪ افغان دوستي گيٽ کي پنهنجي پاسي کان اڏائي ڇڏيو جيڪو ويجهي قبائل جي گڏيل واپار ۽ آساني حقن جي حوالي سان سندن ڪچي ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو، حملن کي ناڪام بڻايو ويو جنهن ۾ 15 کان 20 افغان طالبان مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. علائقي جي صورتحال اڃان به ڇڪتاڻ واري ۽ غير يقيني واري ٻڌائي پئي وڃي، فتنه الخوارج ۽ افغان طالبان جي اسٽيچنگ پوائنٽس ۾ وڌيڪ اضافي جا اطلاع آهن. اسپن بولدڪ ۾ حملو ڪو ڌار واقعو نه هو، 14 ۽ 15 آڪٽوبر جي رات، افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خيبرپختونخوا ڪرم سيڪٽر ۾ پاڪستاني سرحدي چوڪين تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي موثر طريقي سان ناڪام بڻايو ويو ۽ افغان چيڪ پوسٽن کي وڏو نقصان پڻ پهتو، پاڪستاني فوجين جي موثر ڪارروائي ۾ طالبان جون 8 چيڪ پوسٽون ۽ 6 ٽينڪون عملي سميت تباهه ڪيون ويون. 25 کان 30 افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جا ويڙهاڪ مارجڻ جا اطلاع آهن، اهو تاثر ته حملي جي شروعات پاڪستان طرفان ڪئي وئي اها سراسر ڪوڙي ۽ بي بنياد دعويٰ آهي، بلڪل اهڙي طرح جيئن پاڪستاني پوسٽن يا اوزارن تي قبضو ڪرڻ جون دعوائون آهن. طالبان حڪومت جي پروپيگنڊا کي بنيادي حقيقتن جي جاچ ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو، بيان ۾ چيو ويو آهي ته هٿياربند فوج پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پرعزم ۽ پوري طرح تيار آهي. پاڪستان خلاف هر قسم جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان، فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج پاران اشتعال انگيزي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪرم سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته افغان طالبان کي انهن جي اشتعال انگيز جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو، ملڪي سالميت جو هر صورت ۾ دفاع ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي سرزمين جو پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي لاءِ استعمال ٿيڻ انتهائي مذمت جوڳو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏسڻ کان محروم ماڻهو به بنا ڪنهن فرق جي هڪ جهڙن موقعن جا حقدار آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڏسڻ کان محروم ماڻهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے