اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين صوبائي حڪومتن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي موجود افغانين جي جلد کان جلد وطن واپسي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان تي دهشتگرد حملا ۽ افغانين جو انهن حملن ۾ ملوث هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي، دهشتگردي جي جنگ ۾ پنهنجي پيارن جون قربانيون ڏيندڙ پاڪستان جي بهادر عوام اسان کان سوال ڪري ٿي ته حڪومت ڪيستائين افغان پناهگيرن جو بار کڻندي، افغانستان جي حملن کي ناڪام بڻائڻ تي پوري قوم پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، اسان جي بهادر فوج ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ افغان پناهگيرن جي وطن واپسي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي نمائندي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته هن گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، کيس مبارڪباد ڏني ۽ وفاق پاران هر قسم جي تعاون جي خاطري ڪرائي، خيبرپختونخواهه وفاق جي هڪ اهم ڌُر آهي، وفاقي حڪومت ان جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان هر قسم جي تعاون جي لاءِ تيار آهي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي عدم شرڪت جي ڪري ان جي نمائندگي مزمل اسلم ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڏهاڪن کان مشڪلاتن ۾ ورتل افغانستان جي پاڪستان هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي، پاڪستان دهشتگردي جي جنگ ۾ هزارين قيمتي جانين ۽ اربين ڊالر جو معاشي نقصان کنيو. وزيراعظم افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان تي دهشتگرد حملن ۽ افغانين جي انهن حملن ۾ ملوث هجڻ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، دفاع وارو وفاقي وزير ۽ اعليٰ حڪومتي عهديدار ڪيترائي ڀيرا افغانستان جي دوري تي ويا ۽ افغان نگران حڪومت سان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال کي روڪڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پاڪستان افغانستان مان پاڪستان ۾ خوارج جي دراندازي کي روڪڻ جي سفارتي ۽ سياسي قدمن جي ذريعي ڀرپور ڪوشش ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بهادر عوام، جن دهشتگردي جي جنگ ۾ پنهنجي پيارن جون قربانيون ڏنيون، اسان کان سوال ڪن ٿا ته حڪومت ڪيستائين افغان پناهگيرن جو بار کڻندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سموريون صوبائي حڪومتون، وفاقي ۽ صوبائي ادارا ويجهي تعاون سان پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي موجود افغانين جي جلد کان جلد وطن واپسي يقيني بڻائين. هن چيو ته افغانستان جو پاڪستان تي تازو حملو ۽ خوارج جي پاڪستان ۾ دراندازي جي ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، پاڪستان جي بهادر فوج ان حملي جو ڀرپور انداز ۾ جواب ڏنو، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج افغانستان جي حملن کي ناڪام بڻايو جنهن تي مون سميت پوري قوم کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جي دوران اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته اسان جي بهادر فوج پنهنجي پيشيواراڻي صلاحيتن سان ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي. اجلاس کي افغان پناهگيرن جي وطن واپسي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جي مرحليوار وطن واپسي شروع ڪئي وئي، 16 آڪٽوبر 2025ع تائين 14 لک 77 هزار 592 افغانين کي واپس موڪليو ويو آهي، افغان پناهگيرن کي ڪنهن به قسم جي اضافي مهلت نه ڏني ويندي ۽ انهن جي وطن واپسي جلد يقيني بڻائي ويندي، پاڪستان ۾ رڳو انهن ئي افغانين کي رهڻ جي اجازت هوندي جن وٽ پاڪستان جي ويزا موجود هوندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته افغانستان طرف ايگزٽ پوائنٽس جي انگ کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن افغانين جي وطن واپسي آسان ۽ تيزي سان ممڪن ٿي سگهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي موجود افغانين کي پناهه ڏيڻ ۽ انهن کي مهمان خانن ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻ قانوني ڏوهه آهي، اهڙن افغانين جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، پاڪستان ۾ موجود افغان پناهگيرن جي وطن واپسي جي عمل ۾ عوام کي حصيدار بڻايو ويندو ۽ ڪنهن کي به افغانين کي حڪومت جي پاليسين جي خلاف ورزي ڪندي پناهه ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم غيرقانوني افغان پناهگيرن جي وطن واپسي دوران بزرگن، عورتن، ٻارن ۽ اقليتن سان باعزت طريقي سان پيش اچڻ جي هدايت ڪئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، پنجاب، سنڌ، بلوچستان، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت جي نمائندي پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين کي ساراهيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ان حوالي سان مرڪزي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس جي پڄاڻي تي فورم فيصلو ڪيو ته اجلاس ۾ پيش ڪيل سمورين سفارشن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. وزيراعظم افغان پناهگيرن جي وطن واپسي جي حوالي سان صوبن کي مڪمل تعاون جي درخواست ڪئي.
