بريڪنگ نيوز

سمورن ميڊيا ادارن کي اشتهارن جي وقت تي ۽ شفاف ادائيگي کي يقيني بڻائڻ گهرجي: نديم الرحمان ميمڻ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊورٽائيزمينٽ جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري اشتهارن جي ادائيگي جي نظام جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري سڀني ميڊيا ادارن سميت اخبارن، ٽي وي چينلز ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز کي هدايت ڪئي ته اشتهارن جي وقت تي ۽ شفاف ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي. هن زور ڏنو ته حڪومت جي اشتهارن جي پاليسي تحت سموريون ادائيگيون مڪمل شفافيت سان ڪيون وڃن ته جيئن ڪنهن به بي ضابطگي کي ختم ڪري سگهجي ۽ حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ هڪ پيشه ورانه ۽ اعتماد تي ٻڌل تعلق کي فروغ ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن معيز الدين پيرزاده، ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ محمد يوسف ڪابورو، ڊپٽي ڊائريڪٽرز سارنگ لطيف چانڊيو، ظفر الله ملاح ۽ انفارميشن آفيسر لياقت جمالي شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آفيسرن کي واجبات، موجوده ادائيگي جي صورتحال ۽ انتظامي چئلينجن بابت بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري هدايت ڪئي ته ميڊيا ادارن سان لاڳاپا وڌيڪ اثرائتي بڻايا وڃن ۽ اشتهارن سان لاڳاپيل ادائيگين جي نظام کي وڌيڪ فعال، اثرائتي ۽ شفاف بڻايو وڃي. هن واضح ڪيو ته سمورا قدم بهتر حڪمراني (Good Governance) جي اصولن جي مطابق هجڻ گهرجن ۽ ادائيگين ۾ ڪا به دير يا بي ضابطگي برداشت نه ڪئي ويندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڊسمبر ۾ ڪرائڻ جو حڪم، تڪبندين جو ڪم شروع ڪيو وڃي: اليڪشن ڪميشن

،لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير بابت داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے