راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ڀارتي سول ۽ فوجي قيادت جي تازي غير ذميداراڻي ۽ بنا جواز چِڙ ڏياريندڙ بيانن تي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ڪنهن به ڀارتي اڳرائيءَ جو فوري ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ جو عهد ڪيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد 272هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. ڪانفرنس جي شروعات تي ڀارتي دهشتگرد پراڪسيز ذريعي ڪيل تازن دهشتگرد حملن جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. فيلڊ مارشل غير ملڪي اسپانسرڊ دهشتگرد پراڪسيز خلاف جنگ ۽ تازي ٻوڏ جي صورتحال کانپوءِ سول انتظاميه ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي وڏي پيماني تي رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز دوران پاڪستان جي هٿياربند فوج جي جذبي ۽ عزم کي ساراهيو. ڪانفرنس دهشتگرديءَ جي روڪٿام جي جاري ڪارراوين، اُڀرندڙ خطرن ۽ آپريشنل تيارين جو هڪ جامع جائزو ورتو. فورم ان ڳالهه جي توثيق ڪئي ته هٿياربند فوج سمورن ڊومينز ۾ پاڪستان جي دشمنن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ تيار آهي. سياسي سرپرستيءَ سان دهشتگردي ۽ ڏوهن وچ ۾ موجوده ڳٺجوڙ رياست جي مفادن ۽ ان جي عوام جي سلامتيءَ کي شديد نقصان پهچائي رهيو آهي، ان کي وڌيڪ جاري نه رکيو ويندو، چاهي ڪجهه به هجي. فورم ڀارت سول ۽ فوجي قيادت جي تازن غير ذميواراڻن ۽ بنا جواز چِڙ ڏياريندڙ بيانن تي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان طرح جي بيان بازي سياسي فائدي لاءِ جنگي جنون کي هوا ڏيڻ جي ڀارتي رجحان مطابق آهي. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته غير ضروري جنگي بيان بازيءَ سان ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو امڪان آهي جنهن سان علائقائي امن ۽ـ سلامتي کي خطرو آهي. فورم ڪنهن به ڀارتي اڳرائيءَ جو فوري ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ جو عهد ڪيو جنهن سان جاگرافيائي طرح تي حاصل ٿيندڙ ڀارت بابت تحفظ جي باري ۾ ڪنهن به تصور کي ٽوڙيو ويندو. ڪنهن به خيالي نئين نارمل کي فوري جوابي ردِعمل جي نئين معمول سان پورو ڪيو ويندو. شرڪت ڪندڙن فتح الخوارج ۽ فتنه الهندستان جهڙن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد پراڪسيز جي نيٽ ورڪس کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورن ڊومينز ۾ دهشتگرديءَ جي روڪٿام جي جامع ڪارراوين کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي تازي اعليٰ سطحي سفارتي مصروفيتن جي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ عالمي ۽ علائقائي امن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. فورم پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي اسٽريتجڪ گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪئي، جنهن جو مقصد ڪنهن به پرڏيهي اڳرائي جو گڏيل جواب ڏيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ ناتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ملٽي ڊومين سهڪار کي وڌائڻ آهي. اهو معاهدو گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيائي خطن ۾ امن ۽ سلامتيءَ لاءِ گڏيل ويزن تي زور ڀري ٿو. فورم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن مطابق ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ انهن جي جائز جدوجهد لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. فورم فلسطين مسئلي لاءِ پاڪستان جي پُختي حمايت جو به ورجاءُ ڪيو ۽ـ جلد جنگبندي ۽ غزه جي ماڻهن تائين انساني امداد جي فراهميءَ جي اميد ظاهر ڪئي. فورم فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي اصولي مؤقف جو ورجاءُ ڪيو ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست سان ٻه رياستي حل جي حمايت جو اظهار ڪيو جيڪو 1967ع کان پهريان جي سرحدن تي ٻَڌل هجي ۽ـ القدس الشريف ان جو گاديءَ وارو هنڌ هجي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪمانڊرز کي آپريشنل تيارين، نظم و ضبط، جسماني فٽنيس، جدت ۽ـ ردِعمل جي اعليٰ ترين معيارين کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن روايتي ۽ـ ذيلي روايتي کان وٺي هائبرڊ ۽ غير متناسب خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.
