اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف اورڪزئي ضلعي ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 19 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب راحت سميت پاڪ فوج جي جرئتمند جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر فرزندن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي سالميت کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.
