بريڪنگ نيوز

گردشي قرض کي منهن ڏيڻ جو منصوبو تمام وڏي ڪاميابي ۽ اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي: وزيراعظم

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف گردشي قرض کي منهن ڏيڻ جي منصوبي کي تمام وڏي ڪاميابي ۽ اجتماعي ڪوششن جو نتيجو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڊسٽري بيوشن لائينن کي بهتر بڻائڻ ۽ لائن لاسز تي ضابطو آڻڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان جي معاشي بهتري کي ساراهيو ۽ ٻوڏ سبب تعاون جي خاطري ڪرائي آهي، معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري، ايف بي آر، بجلي ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ بهتري تمام وڏي اڳڀرائي آهي، همت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌنداسين ته ملڪ مشڪلاتن مان نڪري ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ توانائي واري شعبي جي گردشي قرض جي خاتمي لاءِ نئين طئي ٿيل مالياتي منصوبي (سرڪلرڊيٽ فنانسنگ جي سهولت) جي افتتاحي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گردشي قرض مسلسل وڌندو پئي ويو ۽ هي اسان جي وسيلن کي ختم ڪري رهيو هو، گردشي قرض جي مسئلي کي منهن ڏيڻ تمام وڏي ڪاميابي آهي، گردشي قرضن جو منصوبو اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي، ان جو سمورو ڪريڊٽ ٽاسڪ فورس ڏانهن وڃي ٿو، توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس ذميواري سان ڪم ڪيو آهي، آءِ پي پيز سان ڳالهيون هڪ وڏو چئلينج هو، ٽاسڪ فورس آءِ پي پيز سان ڪامياب ڳالهيون ڪيون، سڀني پنهنجي پنهنجي ذميواري ڀرپور نموني سان ادا ڪئي آهي، سمورن لاڳاپيل ڌرين جو ان ۾ وڏو ۽ مثالي ڪردار آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڀرپور حمايت سان اسان کي ڪاميابي ملي آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ٿي آهي. هن پاڪستان جي معاشي بهتري جي حوالي سان ڪارڪردگي ۽ تيزي سان سڌارن کي ساراهيو، پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف جي ڪنهن مينيجنگ ڊائريڪٽر اها واکاڻ ڪئي آهي ته پاڪستان جي معاشي بهتري لاءِ مثالي قدم کنيا آهن ۽ سنجيدگي سان سڌارا جاري آهن، هن ٻوڏ جو به ذڪر ڪيو ۽ ان جي نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن ان حوالي سان تعاون جي خاطري ڪرائي ته اسان ان لاءِ به تيار آهيون. وزيراعظم چيو ته ان سچائي سان جيڪڏهن اسان قدم جاري رکون ته اڳتي به ڪاميابيون حاصل ٿينديون، ان جو سمورو ڪريڊٽ پاڪستاني ٽيم جو آهي. وزيراعظم چيو ته اڳيون مرحلو هاڻي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نجڪاري آهي، ڊسٽري بيوشن لائينن کي بهتر بڻائڻ ۽ لائن لاسز تي ضابطو آڻڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، ايندڙ مرحلي ۾ لائن لاسز جي مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري، ايف بي آر، بجلي ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ بهتري تمام وڏي اڳڀرائي آهي، انهي مان اسان کي حوصلو ملڻ گهرجي، اعتماد ۽ حوصلي سان تيزي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان مشڪلاتن مان انشاءُ الله نڪري ايندو. پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري چيو ته گردشي قرض سبب توانائي جو شعبو متاثر ٿي رهيو هو، گردشي قرض تي ضابطو آڻڻ لاءِ اتفاق راءِ سان لائحه عمل جوڙيو ويو آهي،گردشي قرضن جي خاتمي جي اسڪيم توانائي واري شعبي ۾ سڌارن جو حصو آهي، اسڪيم تحت ايندڙ 6 سالن ۾ گردشي قرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ويندو. گردشي قرض ادائيگي اسڪيم لاءِ توانائي واري سيڪريٽري سميت ٻين عملدارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته گردشي قرضن جي خاتمي لاءِ گذريل هڪ سال کان ڪوششون جاري هيون، گردشي قرض جي خاتمي جي اسڪيم اهم سنگ ميل آهي، گردشي قرضن جي خاتمي جا توانائي جي شعبي تي ڏور رس اثر پوندا. حبيب بئنڪ جي صدر چيو ته ايڇ بي ايل لاءِ هڪ وڏو اهم موقعو آهي. پنجاب بئنڪ جي سي اي او ظفر مسعود چيو ته پاڪستان جي بئنڪاري نظام ۾ اها تاريخي ٽرانزيڪشن آهي، گردشي قرض جي خاتمي جو منصوبو اهم اڳڀرائي آهي، گردشي قرض جي خاتمي لاءِ ڪا نئين ڊيٽ سروس سرچارج نه لڳائي پئي وڃي، پاليسي ريٽ گهٽ ٿيڻ سان 6 سالن اندر قرض ادا ٿي ويندو، گردشي قرض جي ادائيگي بئنڪن تي مڙهڻ وارو تاثر درست ناهي، گردشي قرض ادائيگي جي منصوبي ۾ سڀني لاءِ مراعتون شامل آهن. نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد علي چيو ته گردشي قرض ادائيگي جو منصوبو مشاورت سان جوڙيو ويو، وفاقي وزير اويس احمد لغاري جي قيادت ۾ توانائي جو شعبو بهتري طرف گامزن آهي، توانائي جي شعبي ۾ اهم سڌارا آندا پيا وڃن. واضح رهي ته حڪومت 18 بئنڪن جي ڪنسوريشم سان گڏجي توانائي جي شعبي جي گردشي قرض جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ 1.225 کرب سرڪلر ڊيٽ فنانسنگ جي سهولت جو معاهدو طئي ڪيو آهي. ان تاريخي منصوبي جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ کان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي جڏهن ته وزيرن، اعليٰ سرڪاري اختيارين، ريگوليٽريز، عالمي حصيدارن ۽ پاور سيڪٽر جي ادارن جي سي اي اوز وزيراعظم هائوس ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان منصوبي جي اهم خاصيتن ۾ ڪراچي انٽر بئنڪ آفر ڊريٽ (KIBOR) ڪاٽو 0.9 سيڪڙو تي فنانسنگ، 6 سال ادائيگي جو مدو ۽ ريونيوسٽريم طور ڊيٽ سروس سرچارج (ڊي ايس ايس) شامل آهن. نئون منصوبو 6 سالن کان به گهٽ عرصي ۾ قرض ختم ڪندو ۽ صارفين کي 350 ارب روپين جي بچت فراهم ڪندو. ان سهولت جو مقصد گردشي قرض کي گهٽ ڪرڻ آهي ۽ دير سان ادائيگي جي مهانگي سرچارجز جي ازالي ذريعي صارفين لاءِ 350 ارب روپين جي بچت فراهم ڪرڻ آهي. پاور هولڊنگ لميٽيڊ جي قرضن کي رٽائر ڪرڻ لاءِ 659 بلين روپيا استعمال ڪيا ويا جڏهن ته باقي رقم آءِ پي پيز/ جي پي پيز لاءِ مختص ڪئي ويندي ته جيئن بجلي جي صارفين لاءِ وڌ کان وڌ بچت ڪري سگهجي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے