بريڪنگ نيوز

بي آءِ ايس پي ذريعي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ وفاق جي ذميواري آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي امداد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڪئي وڃي، گذريل ٻوڏ ۾ به وفاقي حڪومت اهو ڪم ڪيو ۽ ڪورونا وبا دوران به اسان ساڳيو ڪم ڪيو هو. وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ٻوڏ متاثرين کي بي آءِ ايس پي ذريعي امداد ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، اسان بل معاف ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن تي وفاق حڪومت جا ٿورائتا آهيون ته انهن بل معاف ڪيا. هن چيو ته سنڌ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ ذريعي ننڍن هارين جي مدد جو فيصلو ڪيو آهي. هارين جي ڊي اي پي ۽ يوريا جي خريداري ۾ مدد ڪنداسين. اميد آهي ته جلد اهو سلسلو شروع ٿي ويندو، ڪڻڪ جي آبادگارن جي مدد ڪنداسين ته جيئن ڪڻڪ درآمد نه ڪرڻي پوي. وفاقي حڪومت زرعي ايمرجنسي جي تحت آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري، ڪڻڪ خريداري ۽ امدادي قيمت نه ڏيڻ جي معاملي تي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري، جڏهن ته ٽيڪس جي مد ۾ به هارين کي رليف ڏنو وڃي. پ پ چيئرمين چيو ته پنجاب صوبي خاص طور تي ڏکڻ پنجاب ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، پنجاب حڪومت جي تعريف ڪريان ٿو ته انهن هارين جا نقصان پورا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر ٻوڏ دوران هارين جي مدد تمام گهڻو ضروري آهي، اڳيان اوهان ڇا ڪندو اهو صحيح آهي، پر اڄ اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو، سوال اهو آهي. هن چيو ته اڄ به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي هارين جي مدد ڪريو، وفاقي حڪومت جي اها ذيميواري آهي ته پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ هارين جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي رلeف ڏئي. اڄ جيڪڏهن اهو نه ڪيو ويو ته منهنجو سوال آهي ته ڏکڻ پنجاب جي عوام جو ڏوهه ڪهڙو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سڀني کان وڌيڪ بينيفيشري پنجاب کان آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اسان انهي وقt متعارف ڪرايو جڏهن(ن) ليگ حڪومت ۾ هئي، (ن) ليگ جا سمورا اڳواڻ مسلسل انهي پروگرام جي تعريف ڪندا آيا آهن هاڻ جيڪڏهن(ن) ليگ انهي تي يو ٽرن ورتو آهي ته اهو انهن کان پڇو وڃي. بلاول چيو ته پاڪ سعودي دفاعي معاهدو سٺو سنئوڻ آهي، هر جڳهه تان انهي جي تعريف ٿي رهي آهي. حنا رباني کر جي سربراهي ۾ پرڏيهي ڪميٽي هڪ اجلاس شيڊول ڪيو آهي ان ڪيمره بريفنگ جون به ڳالهيون ٿي رهيون آهن اسان پنهنجي پارلياماني ذميواري پوري ڪنداسين.  فلسطين جي معاملي تي جهڙي طرح هن ڀيري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڳالهيون ٿيون، اهو انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته فلسطيني عوام جي جدوجهد رنگ آڻي رهي آهي، اسرائيلي حملن جا اثر پاڪ سعودي معاهدن جي صورت ۾ نظر اچي رهيا آهن، اميد آهي ته عرب ۽ اسرائيل جا حامي ملڪ به پنهنجي پاليسين تي نظر ثاني ڪندا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے