بريڪنگ نيوز

بدقسمتي سان سنڌ ۾ عمارتن جي تعمير جا معيار ڪجهه آهن: سعيد غني

ڪراچي  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ عمارتن جي تعمير جا معيار ڪجهه آهن ۽ ٻين صوبن ۾ ڪجهه ٻيا آهن. جيڪڏهن نسلہ ٽاور يا پَويلين اينڊ جي تعمير غلط هئي ته پوءِ ان کي ڊاهڻ جو جواز ڪهڙو هو؟ غيرقانوني عمارتون ٺاهڻ سنگين جرم آهي، پر مون کي نٿو خبر ته ججن جي ذهن ۾ ڪيئن اچي ٿو ته اربين رپين جي عمارت کي ڊاهي ڇڏجي. سعيد غني چيو ته آباد پاران ڪامياب ايڪسپو جو انعقاد ساراهه جوڳو آهي. هن اهڙا خيال آباد جي مرڪزي آفيس ۾ فرنيچر ميٽيريل ايڪسپو جي دوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ظاهر ڪيا. ان موقعي تي آباد چيئرمين حسن بخشي، وائيس چيئرمين ۽ ٻيا عملدار به ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير قومي ۽ بين الاقوامي ڪمپنين جي اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ انهن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت کي وڌائڻ لاءِ اهڙيون سرگرميون ضروري آهن. گهٽ قيمتن تي ميٽيريل مهيا ڪندڙ ڪمپنين جا ٿورائتا آهيون. سستي قيمت ۾ شيون ڏيڻ سان عوام کي فائدو به ملندو ۽ ڪاروباري موقعا به وڌندا. آباد جا ميمبر ڪاروبار ڪن ٿا، حڪومت جي ذميواري آهي ته انهن جي ڪاروبار لاءِ بهتر قانونسازي ڪري. سعيد غني چيو ته بدقسمتي سان ڪيترن ئي شعبن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ تعميراتي قانون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ الڳ آهن. اسان غيرقانوني تعميرن جا مخالف آهيون، پر جيڪڏهن بلڊر کي باقاعده ايس بي سي کان منظوري ملي هجي ۽ پوءِ به عمارت غيرقانوني قرار ڏني وڃي ته ان ۾ خريدار ذميوار نٿو بڻجي. عام شهري بلڊر تي ڀروسو ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مان نسلہ ٽاور يا پَويلين جي خرابيءَ تي بحث نٿو ڪرڻ چاهيان، پر جيڪڏهن تعمير غلط هئي به ته ڊاهڻ جو جواز ڪهڙو هو؟ غيرقانوني تعمير ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت جا فيصلا قانون جي ابتڙ آهن ته سزا ڏيڻ عدالتن جو حق آهي، پر اهڙا غلط فيصلا تعميراتي شعبي کي تباهه ڪن ٿا. سعيد غني چيو ته ماڻهن کي گهر گهرجن، تنهنڪري مجبوراً پورشن ۾ رهڻ جو رجحان وڌي ٿو. جيڪي اسان جون غلطيون درست ڪرڻ لاءِ آهن، اهي پاڻ وڏيون غلطيون ڪري رهيا آهن. اسان SBCA لاءِ نئون قانون آڻي رهيا آهيون، جيڪو ڪرپشن روڪڻ ۽ نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي. غيرقانوني عمارتون جائز ڪم ڪندڙن لاءِ به نقصانڪار آهن. SBCA جي شهرت خراب ٿيڻ افسوسناڪ آهي، ڪوشش آهي ادارو ۽ عوام ٻنهي لاءِ بهتر نظام آڻجي. هن چيو ته زمين جي نيلامي ۽ ٽيڪس تي به ڪم جاري آهي، KDA ۽ ٻين ادارن جا قدم وڌيڪ بهتر ڪيا ويندا. ادارن ۽ شهرين جي وچ ۾ اختلاف رهندا، پر گهٽ ۾ گهٽ بنيادي نقطن تي اتفاق ضروري آهي. ريفارمز جو عمل جاري رهندو ۽ وڌيڪ مضبوط ٿيندو. سعيد غني آباد جي چيئرمين کي خاطب ڪندي چيو ته ايس بي سي اي جي قانون بابت جيڪي ملاقاتون ٿي رهيون هيون، اهي ايندڙ وزير بلديات سيد ناصر شاهه جي اڳواڻي ۾ جاري رهنديون ۽ مان به حصو وٺندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خبر ناهي ڪجھ ججن وٽ ڪامن سينس ڇو ناهي. عدالتن کي غلط ڪم روڪڻ جو اختيار آهي، پر نسلہ ٽاور جهڙا فيصلا تعميراتي شعبي لاءِ شديد نقصانڪار آهن. هڪ ٻئي سوال تي سعيد غني چيو ته نيب جي فائلن کان پيپلزپارٽي نٿي ڊڄي. اڳ به اسان جي اڳواڻن خلاف سوين فائلون ٺاهيون ويون، جيڪي آخر ۾ غلط ثابت ٿيون. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي تنقيد بابت سوال تي سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي پاران بي آءِ ايس پي ذريعي امداد ڏيڻ جو چوڻ ڪا غلط ڳالهه ناهي. وزيراعليٰ پنجاب ڀلي متاثرن کي هڪ ڪروڙ ڏئي، پر ان جي بنياد بي آءِ ايس پي ذريعي رکڻ سان آساني ٿيندي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته ايس بي سي ۾ شڪايت ڪرڻ جو باقاعده نظام موجود آهي. نوان قانون اچڻ کان پوءِ اميد آهي ته غيرقانوني تعميرن کي روڪيو ويندو. غيرقانوني عمارتون ڊاهڻ جو ڪم به آئوٽ سورس ڪرڻ لاءِ قانون تيار ٿي رهيو آهي. نئين قانون ۾ غيرقانوني تعمير ڪندڙن کي باقاعده ڏوهاري قرار ڏيڻ تي ڪم هلي رهيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے