بيجبنگ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان چيني اليڪٽرڪ چارجنگ ڪمپني اي اي آٽو جي اختيارين چين جي شهر شنگھائي ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ سڄي صوبي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنن جي قيام بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي. ملاقات دوران ڪمپني جي اختيارين سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر حسين شاهه کي جديد چارجنگ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ ڏني. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪمپني جي اختيارين کي سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ چارجنگ پوائنٽس جو وسيع نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ بابت پنهنجي منصوبي بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٽرانسپورٽ جو مستقبل صاف توانائي ۽ اليڪٽرڪ گاڏين سان ڳنڍيل آهي، سنڌ هن تبديلي ۾ پوئتي نه رهندو. سڄي صوبي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جا چارجنگ اسٽيشنون قائم ڪرڻ ماحولياتي تحفظ لاءِ اهم قدم آهي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين کي هر ممڪن سهولت ۽ سھڪار فراهم ڪندي. اسان جو مقصد فوسل فيول تي انحصار گهٽائڻ، ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ گرين ٽيڪنالاجي ذريعي معيشت ۾ نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي. ملاقات جي موقعي تي توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته توانائي ۽ ٽرانسپورٽ اڄ جي دنيا ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل شعبا آهن. سنڌ اڳ ئي قابلِ تجديد توانائي جي ميدان ۾ نمايان قدم کڻي چڪو آهي، هاڻي اليڪٽرڪ موبيلٽي ايندڙ اهم قدم آهي. هن چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين سان نه رڳو روايتي ٻارڻ تي دٻاءُ گهٽبو پر موسمياتي تبديلي جي للڪار کي منهن ڏيڻ ۾ به مدد ملندي.
		
DailyWaka Sindhi News Papers