راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري ڪيل بيان موجب 14 ۽ 15 سيپٽمبر جي وچ واري رات، سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجوگي جي اطلاع تي هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 5 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو. آهي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا. ڪنهن به دهشتگرد جي موجودگي کان علائقي کي مڪمل طور تي پاڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ”ڀارت جي سرپرستي ۾ دهشتگردي“ جي خاتمي ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهن. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ۾ ميريان ٿاڻي ۽ پوليس چيڪ پوسٽ مزانگه تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي ڪي پي ڪي پوليس جي پيشيواراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته پوليس وقت تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو.محسن نقوي چيو ته پوليس بهادري سان دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو. ڪي پي ڪي پوليس هميشه شجاعت جون داستانون رقم ڪيون آهن.
