بريڪنگ نيوز

سزائن جو آچر بازار ختم ٿيڻ گهرجي، نفرتن سان پاڪستان جو نقصان ٿيندو: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته چيف جسٽس کي درخواست آهي ته اسان جي ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي قانون موجب ڪارروائي ڪريو، عدليه ماتحت عدالتن تي نظر رکي ها ته اسان جي 3 ماڻهن کي 100 سال جي سزا نه ملي ها، هاڻ سزائن جو آچر بازار ختم ٿيڻ گهرجي، نفرتن سان حڪومت ڪرڻ سان پاڪستان جو نقصان ٿيندو رپورٽ موجب بيرسٽر گوهر پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ عمر ايوب، شبلي فراز ۽ عبداللطيف جي نااهلي بابت درخواستن جي ٻڌڻي هئي، انهن ڪيسز ۾ اليڪشن ڪميشن غيرقانوني طور تي نااهل ڪيو آهي هن چيو ته اڄ 3 وڳي پاڪستان تحريڪ انصاف جو خيبرپختونخواهه هائوس ۾ پارلياماني اجلاس آهي جنهن ۾ امن، امان، افغانستان ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي پارلياماني پارٽي کي بريفنگ ڏيندا. بيرسٽر گوهر چيو ته عدالت کي استدعا ڪئي ته سڀاڻي ٻڌڻي ڪرڻ گهرجي. عدليه سان اميد جڙيل آهي. عدليه کي چئون ٿا ته رليف ۽ انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگير سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو افسوسناڪ آهي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪنهن به جج کي عدالتي معاملن کان روڪي نٿو سگهجي. عوام جو پهريان ئي عدليه تان ڪافي ڀروسو  ختم ٿي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ انهي معاملي ۾ ايڪشن کڻي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جا ڪرمنل ڪيسز جلد ٻڌا ويندا هن چيو ته هن وقت عوام مايوسي جي عالم ۾ آهي، چيف جسٽس کان درخواست آهي ته اسان جي ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. بيرسٽر گوهر چيو ته عدليه ماتحت عدالتن تي نظر رکي ها ته اسان جي 3 ماڻهن کي 100 سالن جي سزا نه ملي ها، هاڻ سزائن جو آچر بازار ختم ٿيڻ گهرجي، نفرتن سان حڪومت ڪرڻ سان پاڪستان جو نقصان ٿيندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻوڏ سبب ملڪ ۾ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، اڪثريت پنجاب ۽ سنڌ جي آهي: اين ڊي ايم اي چيئرمين

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي ) چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے