ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ سبب هارين کي پهچندڙ نقصان جو فوري حل ڪڍڻ تمام گهڻو ضروري آهي نه ته فوڊ سيڪيورٽي خطري ۾ پئجي ويندي.ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب هارين کي پهچندڙ نقصان جو فوري حل ڪڍڻ ضروري آهي. ٻئي صورت ۾ ٻين ملڪن ۾ فوڊ سيڪيورٽي جا سنگين مسئلا پيدا ٿيندا جن کي سنڀالڻ مشڪل هوندو.هن ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي تجويز تي نوٽيس وٺندي ايگريڪلچرل ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي ۽ وفاقي سطح تي هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي. جنهن ۾ صوبن جا نمائندا شامل آهن جيڪي موجوده صورتحال جي حل لاءِ قدم کڻندا. مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ حڪومت هارين جي امداد لاءِ هڪ پيڪيج جو خاڪو تيار ڪيو آهي جنهن جا تفصيل ايندڙ هفتي سامهون آندا ويندا.هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو وزن هو ته گڏيل قومن جي سطح تي فليش اپيل ڪئي وڃي، گذريل ڏينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ اهو معاملو بحث هيٺ آيو جنهن تي سنڌ سميت سمورين صوبائي حڪومتن اتفاق ڪيو.هن ٻڌايو ته ٻوڏ جي شروعات تي ئي سنڌ حڪومت پنهنجي تياري شروع ڪري ڇڏي هئي جنهن ۾ اولين ترجيح ماڻهن جون حياتيون بچائڻ آهي. بيراجن کي محفوظ بنائڻ ۽ بندن کي مضبوط ڪرڻ هو. هن چيو ته ٻوڏ جو پاڻي گڊو بيراج تان گذري چڪو آهي هاڻ انهي ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي جڏهن ته هن وقت سکر بيراج تي پيڪ موجود آهي اميد آهي ته اڄ اتي به صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويندي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هاڻ پاڻي سکر مان ڪوٽڙي طرف وڌي رهيو آهي، جتي چونڊيل نمائندا ۽ ڊيزاسٽرمينجمينٽ جون ٽيمون موجود آهن جيئن پاڻي خيريت سان گذري سگهي، اڳڪٿي موجب 8 کان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان هو. انهي حساب سان سنڌ صوبي پنهنجي تياري مڪمل ڪري ڇڏي آهي.مراد علي شاهه چيو ته انهي موقعي تي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ، ڊيزاسٽرمينجمينٽ، ضلعي انتظاميه، صحت کاتو، لائف اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ ۽ مقامي ماڻهن ڀرپور تعاون ۽ ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي مان سڀني جو ٿورائتو آهيان.
