نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڪيترائي رولز خاموش آهن، سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ته ڪٿي گڙٻڙ آهي: چيف جسٽس

ڪيترائي رولز خاموش آهن، سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ته ڪٿي گڙٻڙ آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته آرمي جي حلف ۾ آهي ته جان ڏيڻي پوي ته ڏيندو، اهو به جُملو آهي ته ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ پاڻ کي ملوث نه ڪندو. سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري درخواست تي وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ٻڌڻيءَ ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته حلف ۾ آهي ته آرمي آفيسر جي حلف ۾ آهي ته جيڪڏهن جان ڏيڻي پئي ته ڏيندو، اها تمام وڏي ڳالهه آهي، ”آئون پاڻ کي ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ شامل نه ڪندس“، اهو جُملو به حلف جو حصو آهي. جيڪڏهن سياسي سرگرمين ۾ حصو نه ورتو وڃي ته تمام سٺي ڳالهه آهي. آرمي چيف حڪومت جو صلاحڪار به هوندو آهي ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪمت فيلڊ مارشل سوڌو ڪنهن به آرمي آفيسر کي رٽائر ڪري سگهي ٿي، حڪومت رضاڪاراڻي طور يا وري جبري طور رٽائر ڪري سگهي ٿي. اٽارني جنرل چيو ته ان ۾ ڪنهن به مُدي جو ذڪر نه ٿيل آهي. جسٽس منصور علي خان چيو ته هر هر مُدي جو ذڪر ٿي رهيو آهي، ته پوءِ توهان مُدي جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو، جڏهن قانون ۾ رٽائرمينٽ جو لفظ ايندو آهي ته اُن ۾ مُدو به طئه ڪيو ويندو آهي، رٽائرمينٽ جي مُدي جي باري ۾ به ٻڌايو. اٽارني جنرل چيو ته آئون اُن تي به ايندس. چيف جسٽس چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف فوجي مامرن ۾ حڪومت جو صلاحڪار به هوندو آهي، فوج جي نظم و ضبط جي ذميواري به آرمي چيف تي لاڳو ٿئي ٿي. جنهن آرمي جا قائدا قانون ٺاهيا، اُن جي اسڪيم سمجهڻ گهرون ٿا ٻڌڻيءَ دوران جسٽس منصور علي شاهه پُڇيو ته ڇا ايڪٽ 262 سي ۾ رٽائرمينٽ جو ذڪر آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته جڏهن سروس جي وڌيڪ ضرورت نه هوندي آهي ته رٽائرمينٽ ٿي ويندي آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جنهن آرمي رولز ۽ ريگيوليشنز (قاعده ۽ ضابطه) ٺاهيا آهن، اسان اُن جي اسڪيم کي سمجهڻ چاهيون ٿا ته سندس ذهن ۾ ڇا هو؟

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے