لاهور: (م ڊ) پنجاب ۾ ٻوڏ صورتحال برقرار آهي جنهن جي ڪري شجاع آباد، رحيم يار خان، احمد پور شرقيه، راجن پور ۽ وهاڙي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. فيڊرل فلڊ ڪميشن موجب چناب درياءَ ۾ پنجند بيراج واري هنڌ تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي جڏهن ته ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ گڊو بيراج ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ملتان کي چناب درياءَ کان ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. بيڊ محمد والا ۽ شير شاهه جا ڪيترائي ڳوٺ اڃان تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن. شجاع آباد ۽ جلالپور پير والا ۾ لکين ماڻهو بي گهر آهن. هوڏانهن چاچڙان ۾ سوين گهر درياءَ جي حوالي ٿي ويا، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ۽ رابطي جا روڊ به پاڻي ۾ ٻڏي ويا. صادق آباد ۾ نبي شاهه جي هنڌ تي زمينداره بند ٽٽي ويو جنهن جي ڪري پاڻي آبادي ۾ داخل ٿي ويو. انهي کان علاوه شجاع آباد ۾ به ٻوڏ وهڪرا تباهي مچائي رهيا آهن. متاثرين جون پريشانيون وڌڻ لڳيون، دهوندو ڳوٺ جي بند ۾ پيل گهارو وڌي 240 فٽ جو ٿي ويو آهي. جلالپور پير والا ۾ به ٻوڏ صورتحال برقرار آهي. شير شاهه جا ڪيترائي علائقا به پاڻي هيٺ اچي ويا. اوچ شريف جي دريائي علائقن ۾ ٻوڏ صورتحال آهي پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن ۾ رات دير تائين ريسڪيو آپريشن جو سلسلو جاري رهيو. راجن پور ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ٻوڏ سبب هزارين ماڻهو گهر ڇڏڻ تي مجبور آهن. هوڏانهن روجهان، بنگله اچها، سونمياني ۽ ڪوٽ مٺن ۾ ڪچي جا علائقا متاثر ٿيا آهن. انتظاميه موجب هڪ لک 10 هزار ماڻهو ۽ هڪ لک کان وڌيڪ چوپايو مال منتقل ٿي چڪو آهي. متاثر علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيمپس به قائم ڪيا ويا آهن. ڊرونز جي مدد سان ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ٻئي طرف وهاڙي ۾ به 100 کان وڌيڪ ڏوراهين علائقا ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيرجي ويا. 76 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. هوڏانهن رحيم يار خان ۾ سنڌو درياءَ تي انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ صورتحال برقرار آهي. ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.
