بريڪنگ نيوز

ٻوڏ سبب ملڪ ۾ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، اڪثريت پنجاب ۽ سنڌ جي آهي: اين ڊي ايم اي چيئرمين

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي ) چيو آهي ته تازين ٻوڏن سبب ملڪ ۾ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن مان اڪثريت پنجاب ۽ سنڌ واسين جي آهي.سينيٽ جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لکين بي گهر ماڻهو في الحال خيمن ۾ آهن، جتي پاڻي، بجلي، گئس سميت بنيادي سهولتون موجود ناهن.هن چيو ته تازين ٻوڏن سبب ملڪ ۾ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن مان اڪثريت پنجاب ۽ سنڌ واسين جي آهي.  چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ(هلال امتياز، ملٽري) خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ايندڙ سالن ۾ موسمياتي تبديلين سبب وڌيڪ متاثر ٿيندو. ايندڙ سالن ۾ برساتن جي وڌيڪ اميدون آهن. پاڪستان ۾ 7 هزار کان وڌيڪ گليشيئر موجود آهن، پاڪستان جا گليشيئرز تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن.پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيئرمين اين ڊي ايم اي سانوڻي بابت بريفنگ ڏني.ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ڪميٽي کي ٻڌايو ته هلندڙ سال سانوڻي 2 هفتا اڳ شروع ٿيو. پاڪستان ايندڙ هر سال ۾ موسمياتي تبديلين بابت سخت متاثر ٿيندو. عالمي گرمي پد ۾ اضافو موسمياتي تبديلي جو سبب آهي. هن چيو ته پاڪستان جا 7 هزار کان وڌيڪ گليشيئرز تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. ڀارت پاڪستان سان ڊيمز جو ڪوبه ڊيٽا شيئر نه ڪيو، ايندڙ سالن ۾ برساتن جي وڌيڪ اميد آهي.ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته ڊيزاسٽر جي لاءِ پئسا ڏيندڙ ملڪ پاڻ موسمياتي تبديلي جي مسئلن جو شڪار آهن. اسان جي پنهنجي تعداد گڏيل قومن جي فراهم ڪيل ڄاڻ کان وڌيڪ بهتر آهي. اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي 98 سيڪڙو بهتر آهي.چيئرمين اين ڊي ايم اي چيو ته آزاد جمون، ڪشمير ۽ پنجاب جي دريائن ۾  هن ڀيري وڌيڪ پاڻي آهي، قادر آباد، سدهنائي ۽ جهنگ ۾ بند ٽوڙي پاڻي جي وهڪرن جو زور گهٽ ڪيو ويو. اڄ گڊو بيراج تي 5 لک جو وهڪرو جمع ٿيندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان پاران آءِ ايم ايف جون 51 شرطون پوريون، کنڊ جي سرڪاري درآمد تي ٽيڪس رعايت

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ ايم ايف وفد جي دوري کان اڳ حڪومت آءِ ايم ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے