بريڪنگ نيوز
Sukkur: Sindh Chief Minister Syed Murad Ali Shah speaks to the media at the Centre for Autism Rehabilitation and Training Sindh (C-ART) . — NNI, December 17, 2024

سنڌ حڪومت ٻوڏ جي حوالي سان تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، وفاق گڏيل قومن کي مدد جي اپيل ڪري: مراد علي شاهه

سکر (م ڊ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ جي حوالي سان تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري گڊو ۽ سکر بيراج جو جائزو ورتو هو، هن وفاق کي چيو هو ته زرعي ايمرجنسي لڳايو، وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون جو هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ زرعي ۽ موسمياتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي. هن چيو ته جلد کان جلد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثرن جي مدد ڪئي وڃي، موسمياتي تبديلي سبب اسان ٻوڏن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم کي چوان ٿو ته گڏيل قومن کي رليف لاءِ فوري طور اپيل ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 6 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ آهي، اندازو آهي ته ساڍا 6 کان 7 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو سکر بيراج مان گذري سگهي ٿو، گڊو کان سکر تائين موجود بند جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، اسان جي پهرين ترجيح ماڻهن کي بچائڻ آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ پاسپورٽ ۽ اميگريشن سسٽم کي پڻ تيز ۽ فول پروف بڻايو ويو آهي: محسن نقوي

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي جي پاسپورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے