اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف خبردار ڪيو آهي، ته ملڪ جي امن ۽ خودمختياري کي غير مستحڪم ڪرڻ وارين ڪنهن به اندروني ۽ پرڏيهي ملڪي ڪوششن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، پي ٽي آءِ جو پرڏيهي طاقتن سان الحاق انهن جي شڪست جو سبب بڻجندو. پنهنجي هڪ خاص انٽرويو ۾ خواجه محمد آصف پي ٽي آءِ باني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس کي ڪنٽرول ڪندڙن جي سڃاڻپ ۽ پرڏيهي سازشن سان جڙيل لاڳاپن کي بي نقاب ڪيو. هن زور ڀريندي چيو ته اهي ڪوششون آخرڪار ناڪام ٿينديون ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي هٿياربند فوج سمورن محاذن تي فيصلائتي سوڀ حاصل ڪري رهي آهي. هن پاڪستان جي خودمختياري جي تحفظ لاءِ فوج جي پختي عزم جي تعريف ڪندي چيو ته پرڏيهي ۽ اندروني ٻنهي مشڪلاتن باوجود هٿياربند فوج قومي استحڪام ۾ رنڊڪ وجهڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بنائڻ ۾ ثابت قدم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن بنون کي دهشتگردي جو ڳڙهه قرار ڏنو ۽ پي ٽي آءِ طرفان ان جي مذمت يا هٿياربند فوج جي شهيدن کي عزت ڏيڻ ۾ ناڪامي تي پڻ تنقيد ڪئي. هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جون تربيتي ڪيمپون جاري آهن. پاڪستان افغان اختيارين سان پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن افغانستان اصرار ڪري ٿو ته هن دهشتگردن کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ناهي ڏني ته ان کي ٺوس ثبوت فراهم ڪرڻ گهرجن. خواجه محمد آصف چيو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ وارين ڪوششن پٺيان ڀارت ۽ افغانستان سميت پرڏيهي عنصر ملوث آهن ۽ پي ٽي آءِ مبينه طور انهن ڪوششن ۾ مدد ڪري رهي آهي. هن پختي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته سندن ناپاڪ عزم ناڪام ٿيندا. هن چيو ته الله جي رضا سان پاڪستان جو استحڪام ناقابل تسخير آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ ڀارت ۽ افغانستان تي ٻڌل هڪ ”ٽڪنڊي“ بڻجي سامهون آئي آهي، ۽ ان کي پاڪستان جي استحڪام کي نقصان پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
