ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته 1971ع ۾ جيڪڏهن اظهار جي آزادي تي پابندي نه لڳي ها ته ملڪ ٻن حصن ۾ نه ورهائجي ها، جڏهن ته ملڪ ۾ بنيادي حق بي معنيٰ ٿي چڪا آهن ۽ هائبرڊ نظام جو مطلب آمريت آهي، اڳتي وڌڻ لاءِ آئين تي عمل ڪرڻ ضروري آهي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران ”عدليه جي آزادي، آئيني حڪومت ۽ انصاف تائين پهچ“ جي موضوع تي سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو.سيمينار ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻين مهمانن ۾ سپريم ڪورٽ بار جو اڳوڻو صدر منير اي ملڪ پڻ شامل هو جسٽس اطهر من الله خطاب ڪندي چيو ته جڏهن مون کي دعوت ڏني وئي ته مان انڪار نه ڪري سگهيس، ڇو ته جڏهن به ڪو نوجوان مون کي ڪجهه چوندو آهي ته مان انڪار نٿو ڪري سگهان، اڄ جيڪڏهن ڪنهن کي آئين جي بالادستي جو ٿورو به شڪ آهي ته ڪراچي بار ۾ اچي انهن نوجوانن کي ڏسي هن چيو ته اسان جو 77 ورهين جو نظام اهڙو بڻجي ويو آهي جو ماڻهو 5 ججن جا نالا کڻندي گهٻرائين ٿا، جن مولوي تميز الدين ڪيس جو فيصلو ڏنو آهي، جن ۾ جسٽس بچل، جسٽس ويلاني، جسٽس ڪونسٽنائن ۽ جسٽس بخش شامل آهن سندس چوڻ هو ته جڏهن پي سي سي او آيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪجهه ججن حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهن 6 ججن مان 5 جو تعلق سنڌ سان هو، انهن ۾ ڪجھه اهڙا به هئا جيڪي ايندڙ وقت ۾ چيف جسٽس ٿيڻ وارا هئا پر هنن پنهنجي حلف کي اڳيان رکندي اصولي فيصلو ڪيو جسٽس اطهر من الله چيو ته عدليه جي 77 ورهين جي تاريخ منهنجي لاءِ فخر جوڳي ناهي، منهنجا اڳواڻ منير اي ملڪ ۽ اهي سڀ اڳواڻ آهن، جن وڪيل تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي، اسان وساري ويهون ٿا ته وڪيل تحريڪ ۾ 90 ماڻهن پنهنجون حياتيون قربان ڪيون، اسان انهن جو قرض به نٿا لاهي سگهون، اهي آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهيندا هئا هن چيو ته هتي 77 ورهين ۾ آئيني حڪمراني نه رهي آهي، مون ڪيترن ئي فيصلن ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ لکيو ته قانون جي بالادستي ناهي، اسان کي اهو تسليم ڪرڻ ۾ ڪڏهن به گهٻرائڻ نه گهرجي سندس چوڻ هو ته جج طور مون جيڪو حلف کنيو آهي، جيڪڏهن ان جا لفظ روزانو صبح پڙهجن ته ٻئي ڪنهن واعدي جي ضرورت نه پوي، الله کي حاضر ناظر ڄاڻي حلف کنيو آهي ته اسان آئين جو بچاءُ ڪنداسين ۽ اهو ڪو احسان ناهي پر اسان جي حلف جو حصو آهي سپريم ڪورٽ جي جج چيو ته جنهن سماج مان سچائي ختم ٿي وڃي، اهي سماج ختم ٿي وڃن ٿا، پاڪستان ٽوڙڻ جو بنياد پاڪستان ٺهڻ وقت رکيو ويو هو، مان چوندس ته اسان تاريخ مان ڪو به سبق ناهي سکيو هن چيو ته آئين جو سڄو بنياد اهو آهي ته حڪمراني جو حق رڳو انهن وٽ آهي، جيڪي عوامي طور تي چونڊيل نمائندا هجن پر ان جو هڪ ٻيو شرط آهي ته ڪو به ادارو يا سرڪاري ادارو سياسي انجنيئرنگ نه ڪندو سندس چوڻ هو ته جيڪي به عوامي ادارا چونڊجي ايندا، اهي حقيقي ۽ صاف شفاف چونڊن سان ايندا پر بدقسمتيءَ سان 77 ورهين کان اهو به اسان لاءِ خواب رهيو آهي، اسان سڀ ٺيڪ ظاهر ڪري پاڻ کي دوکو ڏئي رهيا آهيون.جسٽس اطهر من الله چيو ته منير اي ملڪ چيو آهي ته هائبرڊ نظام آهي، جنهن جو مطلب آمريت آهي، آئيني حڪمراني ناهي، اڳتي وڌڻ لاءِ آئين تي عمل ڪرڻ ضروري آهي
