بريڪنگ نيوز

ڀارت چناب درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ تي بگليهار ۽ سلال ڊيم جا اسپِل ويز کولي ڇڏيا

نئين دهلي/اسلام آباد (م ڊ) ڀارت چناب درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ تي بگليهار ۽ سلال ڊيم جا اسپِل ويز کولي ڇڏيا ۽ پاڪستان کي هاءِ ڪمشن جي ذريعي امڪاني ٻوڏ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب، تيز برساتن سبب چناب درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي، جنهن کانپوءِ بگليهار ڊيم جا اسپِل ويز کولي ڇڏيا ويا، ان سان گڏوگڏ چناب درياهه تي اڏيل سلال ڊيم جا دروازا به کوليا ويا آهن.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مٿئين علائقن ۾ لڳاتار تيز مِينهن سبب چناب ۾ چاڙهه آهي ٻئي پاسي ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر هاءِ ڪمشن جي ذريعي پاڪستان کي ٻوڏ بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي هاءِ ڪمشن طرفان حڪومت پاڪستان ڏانهن موڪليل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ستلج درياهه ۾ هريڪي زرين ۽ فيروزپور زرين وٽ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي.خط موجب، ٻوڏ وارو پاڻي ڇڏڻ سبب ستلج درياهه ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ هوندي.پاڪستان جي آبي وسيلن واري وزارت ڀارتي خط کانپوءِ فلڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے