بريڪنگ نيوز

سنڌو م وڏا وهڪرا داخل، اهم اجلاس، ٻوڏ جي ايمرجنسي لاڳو, انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي

سکر(رپوڙتر)سکر ۽ گڊو بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾  پاڻي جي  سطح  وڌڻ سبب سکر ڊويزن ۾  ٻوڏ جي ايمرجنسي لاڳو ٿي وئي آهي. صوبائي حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو ادارا  ماڻهن جي جان ، مال متاع ۽ فصلن کي بچائڻ لاءِ وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪري ڇڏيوآهي. اعليٰ سطحي دورا، لڳاتار نگراني ۽ چوويهه ڪلاڪ ريسڪيو ۽ رليف سرگرمين ذريعي اختيارين پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي ته متاثر ٿيل ماڻهن کي هر صورت ۾ تحفظ ڏنو ويندو 31 آگسٽ تي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ڄام خان شورو سان گڏ سکر بئراج جو دورو ڪيو. وڏي وزير ڪمزور بندن کي مضبوط ڪرڻ، جيوبئگس ۽ پٿر اڇلائڻ، ۽ پاڪ نيوي ۽ پي ڊي ايم اي جون ٻيڙيون مقرر ڪرڻ جا حڪم ڏنا. چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ متاثرن لاءِ انتظامن جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ڪچي وارن علائقن مان ٻيڙين ذريعي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرائي رهيو آهي. ڪميشنر سکر عابد سليم قريشي به بندن ۽ ڪچي علائقن جو دورو ڪري متاثر خاندانن سان ملاقات ڪئي ۽ رليف ڪيمپن ۾ انتظامن جو معائنو ڪيو. ڊي سي سکر نادر شهزاد خان ٻيڙين ذريعي ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي ريسڪيو 1122 جي مدد سان منتقل ڪرايو. ميئر ۽ ترجمان سنڌ حڪومت بئرسٽر ارسلان اسلام شيخ پڻ بندن جو دورو ڪري هنگامي انتظامن جو جائزو ورتو. 1 سيپٽمبر تي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو انجنيئرن سان گڏ ٽيڪنيڪل اجلاس ڪيو جنهن ۾ درياءَ جي وهڪرن جا انگ اکر ، وڌيڪ مشينري، پمپ ۽ لاڳاپيل ٻين پهلوئن تي غور ڪيو ويو.  ڪميشنر سکر جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه، ميئر ارسلان شيخ، ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. فيصلو ڪيو ويو ته:155 رليف ڪيمپون قائم ڪيون وينديون.24 ميڊيڪل ڪيمپون ۽ 27 وينٽرنري ڪيمپون لڳنديون.3280 عملي ۽ ريسڪيو ٽيمون مقرر ڪيون ويون.پوليس، رينجرز، فوج ۽ نيوي سان گڏ سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو. اجلاس دوران ٻڌايو ويو  ته لڳ ڀڳ 224,313 ماڻهو، 37,319 خاندان ۽ 5 لک کان وڌيڪ مال مويشي متاثر ٿي سگهن ٿا. متاثر خاندانن کي ڪيمپن ۾ کاڌ خوراڪ، صاف پاڻي، دوائون ۽ رهائش ڏني پئي وڃي. طبي ٽيمون بيماريون ۽ سَپ جي ڏنگڻ جا ڪيس سنڀالي رهيون آهن. مال مويشي لاءِ ٽيمون ويڪسين ۽ چارو مهيا ڪري رهيون آهن

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سروس ٽربيونل صرف دير جي بنياد تي اپيل خارج نٿو ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن سرڪاري ملازم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے