ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُالله دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ حڪومتي تسلسل بابت وڏو فيصلو ٿي چڪو آهي، جيڪو ايندڙ پنج يا ڏهه سالن لاءِ لاڳو ٿيندو، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله ٻڌايو ته مري ۾ اهم شخصيتن جي گڏجاڻي ٿي، جتي هي فيصلو ڪيو ويو، هن چيو ته جيڪو به ٿيندو، اهو آئين جي تحت ٿيندو، ڪجهه ماڻهن کي شڪ هو پر اسان کي اڳ ئي خبر هئي، نون ڊيمز جي تعمير بابت سوال تي راڻا ثناءُالله چيو ته ڊيمز تي اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ گهرجي، سڀ سياسي پارٽيون گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪن ته بهتر نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا، موسمياتي تبديلي کانپوءِ وڌيڪ قراردادون به اچي سگهن ٿيون، هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپورجي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات سٺي ڳالهه هوندي، ڇو ته جيڪڏهن گنڊاپور باني کي سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ راضي ڪري، ته هي ملڪ لاءِ فائديمند هوندو، راڻا ثناءُالله ٻڌايو ته سي سي آءِ جي گڏجاڻي ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڻي جي معاملن تي اختلاف موجود آهن پر مستقبل ۾ مناسب حل ضروري آهي، حڪومت کي فوري طور تي ننڍن ڊيمز ۽ ٻين منصوبن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
