نوابشاهه(رپورتر) اسلامي جمهوريه پاڪستان جي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري جو مڊبنگلو ۽ مڊمنگلي جي مقام تي ايس ايم بند جي مختلف هنڌن جو دورو قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري ايس ايم بند جي مختلف هنڌن تي امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو بي بي آصفه ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سان گڏ آبپاشي، صحت، لائيو اسٽاڪ ۽ ريسڪيو 1122 جي امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو بي بي آصفه ڀٽو زرداري محراب پور ۾ به ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ اڳواٽ اپائن جي طور تي امدادي سگرمين جو جائزو ورتو بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ ۾چيو آهي ته سنڌو درياهه سان واڳيل ايس ايم بند تي مڊمنگلي اهو هنڌ آهي جتان امڪاني ٻوڏ سبب نقصانن جو خدشو آهي آبپاشي کاتي مڊمنگلي جي مقام تي درياهه جي وهڪري جي دٻاءَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ٽي اسپر، جي اسپر ۽ اسٽڊ جا مختلف ڍانچا ٺاهيا آهن ايس ايم بند تي مڊمنگلي وٽ هيوي مشينري سان پٿرن جو ذخيرو به موجود آهي ته جيئن ڪنهن به امڪاني گهاري کي فوري بند ڪري سگهجي آبپاشي کاتي جا اهلڪار 24 ڪلاڪ ايس ايم بند تي گشت ڪن ٿا ته جيئن بند جي حالت ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري سگهجي ريسڪيو 1122 جي ڪيمپ جي عملي وٽ ٻيڙيون، لائف جيڪيٽ، اسڪوبا سيٽ ۽ رسين تائين هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جو سمورو سامان موجود آهي مڊ بنگلو جي هنڌ تي ميڊيڪل ڪيمپ تي روز 80 مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي گڊو ۽ سکر بئراج تي 2 لک ڪيوسڪ تائين نارمل، 5 لک ڪيوسڪ تائين وچولي ٻوڏ جڏهن ته سپر فلڊ 9 لک ڪيوسڪ تائين ٿئي ٿي نوابشاهه: ڪوٽڙي بئراج تي 2 لک ڪيوسڪ تائين نارمل، ساڍا 4 لک ڪيوسڪ تائين وچولي ٻوڏ جڏهن ته سپر فلڊ 8 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ ٿئي ٿي 2010 جي سپر فلڊ کانپوءِ ايس ايم بند کي مختلف هنڌن تي مضبوط ڪيو ويو آهي، بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته وکريل پاڻي کان انساني زندگين، اڏاوتن، فصلن ۽ جانورن کي بچائڻ وڏو چئلينج هوندو امڪاني ٻوڏ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مانيٽرنگ کان وٺي هنگامي حالتن جي درجابندي تائين اثرائتي منصوبابندي اڻٽر آهي امڪاني ٻوڏ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مختلف کاتن وچ ۾ وڌيڪ بهتر رابطا ضروري آهن مون کي خوشي آهي ته انتظاميا پنهنجي بهترين صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي امڪاني ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي بحالي جي حوالي سان غير معمولي اپاءَ وٺي رهي آهي نوابشاهه امڪاني ٻوڏ جي صورت ۾ ڪنهن به قسم جي بداحتياطي هنگامي صورتحال جو شڪار بڻائي سگهي ٿي نوابشاهه: قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته شهري به احتياطي اپائن کي اختيار ڪري انتظامي هدايتن جو خيال رکن جيڪڏهن انتظاميا نڪرڻ جي اپيل ڪري ته شهري ان اپيل تي سنجيدگي سان عمل ڪن ڇو ته اوهان جي زندگي قيمتي آهي
