بريڪنگ نيوز

اسان جا دوست نه پر دشمن آهن، مون مٿان تنقيد ڪندڙ بي شرم آهن: علي امين گنڊاپور

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ ۾ سينيٽ چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان ٿيل تنقيد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.پشاور ۾ اجلاس دوران ڳالهيون ڪندي وڏي وزير چيو ته ٽڪيٽن جي ورهاست ۾ منهنجو ڪهڙو ڪم، سينيٽ چونڊن ۾ ڊرامو ڪيو ويو. مون تي تنيد ڪئي وئي جڏهن ته اسان خان جي حڪم تي عمل ڪندا آهيون ڇو ته هي پارٽي انهي جي ئي آهي.هن چيو ته منهنجي خان سان ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي. منهنجو خان سان رابطو نه ٿيو، ملاقات نه ٿيڻ سبب پارٽي کي نقصان ٿي رهيو آهي پارٽي ورهائجي رهي آهي. جڏهن ته باني چيئرمين چاهي ٿو ته پارٽي ۾ ورهاست نه ٿئي. علي امين گنڊاپور چيو ته عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ڏيندڙ اسان جا دوست نه پر دشمن آهن ۽ اهي ڪامياب ٿي رهيا آهن ڇو ته پارٽي انتشار جو شڪار ٿي وئي آهي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته خان طرفان سينيٽ اميدوارن جا نالا آيا، جنهن تي ڪيترن ماڻهن چيو ته اهو ڪوڙ آهي، خان نالا نه ڏنا آهن، بعد ۾ عمران خان پاڻ نالا ڏيڻ جي تصديق ڪئي ته پوءِ تنقيد ڪندڙن مان ڪنهن به معافي نه ورتي.هن چيو ته ڪنهن به بيشرم اهو نه چيو ته مان معافي گهران ٿو، بيشرمي وارو ڪم اهوئي آهي ته ڍيٽ بڻجي وڃان، ڪجهه به نه چوان ۽ نه وري ثابت ڪري سگهان. علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته باني چيئرمين سان منهنجي آخري ملاقات 2 اپريل تي ٿي هئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومتي تسلسل جو فيصلو پنج کان ڏهه سالن لاءِ ٿي ويو:راڻا ثناءُ الله

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُالله دعويٰ ڪئي آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے