بريڪنگ نيوز

سيالڪوٽ پي ٽي آءِ، ٺيڪيدار ڪمپني ۽ ڪامورن تباهه ڪيو:خواجا آصف

سيالڪوٽ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سندس شهر سيالڪوٽ کي پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻن، ٺيڪيدار زيڊ ڪي بي ۽ ڪجهه ڪامورن گڏجي برباد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هوقبر تائين انهن جو پيڇو نه ڇڏيندو. هن ڳالهه جو اظهار هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ "ايڪس (اڳوڻو ٽوئٽر) تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي ڪيو. پنهنجي پوسٽ ۾ خواجه آصف لکيو ته هن وڊيو ۾ ٻڌجندڙ آواز پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر فاروق مائر جو آهي، ۽ انهن ڳالهين جي نشاندهي شايد عبوري حڪومت جي دور ۾ ڪئي وئي هئي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو  ته هن منصوبي جي ڊائريڪٽر سان ڳالهايو، جنهن سندس خدشن ۽ موقف سان اتفاق ڪيو. خواجا آصف جو وڌيڪ چوڻ هو  ته منصوبي جي ٺيڪيدار هڪ مشهورڪمپني آهن، جيڪا سينيٽ  ۾ اثر رسوخ رکن ٿا.  هن جو زيڊ ڪي بي ڪمپني  سان پهريون تعارف 2013ع ۾ ٿيو، جڏهن هو پاڻي ۽ بجلي جو وزير هو. ان وقت بلوچستان ۾ هڪ منصوبي جو ٺيڪو وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا، جنهن جي سفارش ڪجهه سندس ساٿين ڪئي هئي. اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. هڪ طنزيا تبصرو ڪري خواجا آصف چيو ته لڳي ٿو هيءَ ٻوڏ به ڪا يهودي ايجنٽ آهي، جو انگريز جي ٺاهيل 200 سال پراڻين پلين کي ته نٿو ٽوڙي پر اسان جي محب وطن ٺيڪيدارن جون نيون پليون لوڙهي وڃي ٿو .

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ خلا ۾ اماڻڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)   پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ HS-1 ڪاميابي سان چين سان گڏ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے