بريڪنگ نيوز

ڀارت ستلج درياهه ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ کان آگاهه ڪري ڇڏيو ،اوچي درجي جي ٻوڏ جي وارننگ جاري، 9 ضلعن ۾ هاءِ الرٽ جاري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان کي ستلج درياهه ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ کان آگاهه ڪري ڇڏيو.آبي وسيلن واري وزارت موجب پاڪستان ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن آبي وسيلن واري وزارت کي ستلج ۾ ٻوڏ جي حوالي سان آگاهه ڪيو.آبي وسيلن واري وزارت ٻڌايو ته لاڳاپيل ادارن ۽ صوبائي حڪومتن کي ٻوڏ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.هوڏانهن پي ڊي ايم اي پنجاب ۾ اوچي درجي جي ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي ۽ 9 ضلعن ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.پي ڊي ايم اي موجب ٻوڏ سبب 9 ضلعا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جن ۾ قصور، اوڪاڙا، بهاولنگر، وهاڙي، لوڌران، بهاولپور، ملتان ۽ مظفر ڳڙهه شامل آهن.پي ڊي ايم اي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل ضلعن جا ڊي سي امڪاني ٻوڏ کي ڏسندي فوري طور قدم کڻن.  چوماسي برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 850 تائين پهچي ويو. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ٻڌايو آهي ته مون سون سيزن دوران ملڪ ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 850 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 1150 کان وڌيڪ ماڻهو مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيا آهن. چيئرمين اين ڊي ايم اي، ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، وفاقي وزير ماحوليات ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان گڏ اسلام آباد ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ريسڪيو ۽ رليف سرگرمين بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي هدايت تي ملڪ ڀر ۾ گڏيل ردعمل ڏنو ويو آهي.هن چيو ته گرمي پد وڌڻ سبب اترين علائقن ۾ گليشيئر ڳري رهيا آهن، گذريل هفتي دوران تيز برساتن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي،چيئرمين اين ڊي ايم اي ٻڌايو ته درياهه چناب، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي، امڪان آهي ته 4 کان 5 سيپٽمبر تائين گڊو ۽ سکر بيراج ڏانهن پاڻي جو وڏو ريلو پهچي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 7 کان 8 لک ۽ وڌ ۾ وڌ 12 کان 13 لک ڪيوسڪ تائين ٿي سگهي ٿو۔

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قدرتي آفتن دوران پيپلز پارٽي جا نمائندا هميشه پنهنجي عوام سان گڏ هوندا آهن : راول شرجيل ميمڻ

حيدرآباد رپورٽ  سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ جي خاص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے