بريڪنگ نيوز

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ چناب درياءَ، راوي ۽ ستلج ۾ آئي اهو پاڻي ڪالاباغ تائين نٿو اماڻي سگهجي، اهو ڌار هنڌ آهي، قدرتي آفت جي وقت اهي ڳالهيون ڪرڻ فضول آهن ته ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته اهو نقصان نه ٿئي ها.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته اسان کي نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) طرفان ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 8 کان 11 ڪيوسڪ پاڻي جي  آمد جو امڪان آهي، 9 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو   ايندو ته اسان انهي کي مها ٻوڏ جي طور تي  منهن ڏيڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.هن چيو ته اسان کي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج ۽ بندن کي محفوظ رکڻو آهي. 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ اسان بندن تي ڪافي ڪم ڪيو آهي، ساڍا 5 لک ڪيوسڪ پاڻي اسان هڪ هفتو اڳ گڊو بيراج مان گذاري چڪا آهيون. انهي دوران ڪابه هنگامي صورتحال پيش  نه آئي، پر اسان مسلسل مانيٽرنگ جاري رکي آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آبپاشي کاتي جي اختيارين تي ڀروسو آهي اهي اپ اسٽريم مان ايندڙ پاڻِ بيراجن مان گذاري وٺندا. پر درياءَ جي ڪناري حفاظتي بندن کي نقصان پهچي سگهي ٿو جنهن سبب مسئلا اچي سگهن ٿا. آبپاشي کاتي کي اهو طئي ڪرڻو آهي ته ڪهڙن هنڌن تي بندن کي مسئلا پيش آهن.مراد علي شاهه چيو ته اهڙن ڪمزور هنڌن تي پٿر ۽ مٽي وجهي انهي کي مضبوط بنائڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي، گذريل ڏينهن مون گڊو ۽ سکر بيراج جو دورو ڪيو هو، انهي دوران ڪمزور بندن جو معائنو ڪيو، ڪمزور بند اڍائي کان 3 لک ڪيوسڪ جي وهڪرن دوران ٽٽي ويندا هئا، پر هن ڀيري 5 لک 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ باوجود بند سلامت آهن.هن چيو ته اسان جي سامهون سڀني کان وڏو چيلينج ماڻهن ۽ چوپائي مال کي بچائڻ جو آهي، اسان 9 لک ڪيوسڪ وهڪري جي حساب سان تياري ڪري رکي آهي. هينئر کان ئي اسان ماڻهن کي امڪاني متاثر علائقن مان ڪڍڻ جي حڪمت عملي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، ساڳئي تياري بطور انسان اسان ڪري سگهون ٿا.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان جي طرفان مدد گهرڻ تي پاڪ فوج پنهنجن 2 يونٽس کي مقرر ڪيو آهي، پاڪستان نيوي به پنهنجون ٽيمون اماڻي ڇڏيون آهن. ڪالهه منهنجي واپسي کان پوءِ هڪ چينل خبر هلائي ته وزيراعليٰ جي وڃڻ کان پوءِ ڪيمپ هٽايو ويو، حالانڪه اهو ڪيمپ صرف بريفنگ ڏيڻ جي لاءِ لڳايو ويو هو.هن چيو ته گهوٽڪي ۾ ڪراچي کان وڌيڪ صحافي آهن، جڏهن مان دورو ڪرڻ جي لاءِ ويس ته اتي صحافين جو وڏو انگ موجود هو، انهي جي گواهي شرجيل ميمڻ به ڏيندو. اسان هڪ وڊيو ٺاهي آهي جنهن ۾ ڪيمپ لڳل آهي، جتي ڊاڪٽر مريضن جو معائنو ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف هڪ چينل تي خبر هلائي پئي وڃي ته وڏي وزير جي وڃڻ کان پوءِ ڪيمپ هٽايو ويو پر اها وڊيو مان نه ڏيکاريندس.مراد علي شاهه چيو ته اڄ اين ڊي ايم اي طرفان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي جي آمد جي اطلاع ملڻ کان پوءِ هاڻ اسان انهي حساب سان تياري ڪري رهيا آهيون. 3 ۽ 4 سيپٽمبر تي اسان ڏسنداسين ته پنجد تي پاڻي جي آمد کان پوءِ گڊو تي ڪيترو پاڻي ايندو، انهي کان پوءِ ڪجهه ڏينهن پاڻي کي سنڌ تائين پهچائڻ ۾ لڳندا.وڏي وزير چيو ته 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع آهي ۽ 12 ربيع الاول به آهي، ڏسنداسين انهي ڏينهن ڪهڙي صورتحال بڻجي ٿي، 2014 ۾ اسان وڏو وهڪرو سنڌ جي بيراجن مان گذاري چڪا آهيون. اسان صوبائي ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي)، صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي فعال ڪري ڇڏيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماحولياتي تبديلي حقيقت آهي، پر هن وقت اسان جو فوڪس ايندڙ 15 ڏينهن کي خير خيريت سان گذارڻ تي آهي، ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان پنجاب جي  ماڻهن سان هر طرح سان بيٺل آهيون. انهن کي جنهن به امداد جي ضرورت هوندي اسان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.ڪالاباغ ڊيم جي تعمير بابت هڪ سوال تي مراد علي شاهه چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ چناب درياءَ، راوي ۽ ستلج ۾ آئي، اهو پاڻي ڪالاباغ تائين نٿو اماڻي سگهجي، اهو ڌار هنڌ آهي، هن وقت اهي ڳالهيون ڪرڻ فضول آهن ته ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته اهو نقصان نه ٿئي ها.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قدرتي آفتن دوران پيپلز پارٽي جا نمائندا هميشه پنهنجي عوام سان گڏ هوندا آهن : راول شرجيل ميمڻ

حيدرآباد رپورٽ  سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ جي خاص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے