اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ تازي ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو آهي. وفاقي حڪومت پنجاب ۾ به مڪمل تعاون ڪندي، گجرات، سيالڪوٽ، لاهور ۾ شهري ٻوڏ جي ممڪن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور تي سڀئي ضروري انتظامي قدم کنيا وڃن، عوامي نمائندا ۽ سرڪاري ادارا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي بروقت انخلاء، محفوظ هنڌن تي منتقلي ۽ امدادي ڪارروائين جي موثر نگراني ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب ۾ تيز برساتن ۽ راوي، ستلج ۽ چناب دريائن ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ هيستائين کنيل قدمن تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل سرڪاري عملدار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ وزيراعظم کي دريائن ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ متاثر علائقن مان ماڻهن کي اڳواٽ ٻاهر ڪڍي محفوظ هنڌ تي منتقلي ۽ امدادي سامان جي پهچائڻ بابت بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته ريسڪيو 1122، سول ڊفينس، رينجرز، پي ڊي ايم اي ۽ ٻيا سڀئي لاڳاپيل ادارا فعال نموني ڪم ڪري رهيا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ اڳواٽ انخلا لاءِ فوج ۽ پوليس جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چناب درياءُ ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌڻ سان هيڊ مرالا ۽ خانڪي ۾ وڏي سطح جي ٻوڏ جو خطرو آهي. متاثر ماڻهن جي بروقت انخلا لاءِ 2000 ٽرڪون فراهم ڪيون ويون آهن ته جيئن اهي ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن. راوي درياءُ ۾ جسٽر ۽ شاهدره ۽ ستلج درياءُ ۾ گنڊا سنگهه والا ۽ سليمانڪي ۾ پاڻي جي وهڪري جو دٻاءُ وڌيڪ آهي، خانڪي، بلوڪي ۽ قادرآباد ۾ پاڻي جي وهڪري سان پيدا ٿيندڙ دٻاءُ جي نگراني ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي پاران ٻوڏ جي صورتحال ۽ برسات بابت ميڊيا وسيلي اڳواٽ اطلاع سان قيمتي جاني ۽ مالي نقصان کان بچايو ويو، اڳواٽ اطلاعن جو اهو سلسلو وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ جاري رکيو وڃي. اين ڊي ايم اي هيستائين پنجاب جي متاثر علائقن لاءِ پنج هزار خيما فراهم ڪيا آهن. ٻئي ضروري سامان جي فراهمي پڻ جاري رکي وڃي. گجرات، سيالڪوٽ ۽ لاهور ۾ شهري ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور تي سڀئي ضروري انتظامي اپاءُ ورتا وڃن. پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، مواصلات جي ذريعن ۽ رستن جي بحالي جي لاءِ مواصلات جو وزير، توانائي جو وزير، توانائي جو سيڪريٽري ۽ اين ايڇ اي جو چيئرمين لاهور پهچي صوبائي حڪومت سان عملي ۽ ڀرپُور تعاون فراهم ڪن. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال مان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي قومي سطح تي مڪمل هم آهنگي سان حل ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ تازي ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو آهي. وفاقي حڪومت پنجاب ۾ به مڪمل تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ ٻوڏ جي ريلي جي آمد جو اڳواٽ اطلاع هر وقت يقيني بڻايو وڃي ته جيئن امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. عوامي نمائندا ۽ سرڪاري ادارا ٻوڏ متاثر علائقن مان ماڻهن جي بروقت انخلاء، محفوظ هنڌ تي منتقلي ۽ امدادي ڪارروائين جي موثر نگراني ڪن. ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، انساني جان ۽ مال، فصلن ۽ چوپائي مال کي امڪاني نقصان کان بچائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي تحت حفاظتي قدم کنيا وڃن. ٻوڏ جي صورتحال کان متاثر ٿيندڙ سڀني ضلعن ۽ تعلقن جي سطح تي درپيش مسئلن کي مقامي ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي هنگامي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.
