بريڪنگ نيوز

برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن: مصدق ملڪ

اسلام  آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير مصدق ملڪ چوماسي جي آخري اسپيل کان خبردار ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته آخري اسپيل ۾ گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي پنهنجي بيان ۾ مصدق ملڪ چيو ته سيپٽمبر جي شروعاتي 10 ڏينهن ۾ چوماسي جو آخري اسپيل اچڻ جو امڪان آهي ۽ حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ان دوران گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي هن چيو ته وزيراعظم سڀني چيف سيڪريٽرين کي هدايتون ڏنيون آهن ته برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، هن وقت ستلج، راوي ۽ چناب ۾ چاڙهه آهي، جنهن سبب ڪيترائي علائقا متاثر ٿي رهيا آهن سندس چوڻ هو ته حڪومت رڳو جائزو نه پئي وٺي پر عملي قدم به کڻي رهي آهي ته جيئن ڪو وڏو نقصان نه ٿئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے