بريڪنگ نيوز

پاڪستان کي سيڙپڪارن ۽ سيڙپڪاري لاءِ هڪ محفوظ ملڪ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي سيڙپڪارن ۽ سيڙپڪاري لاءِ هڪ محفوظ ملڪ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن، پاڪستان ۽ جاپان جو ماضي ۾ صنعت ۽ واپار جي ميدان ۾ مضبوط تعاون رهيو آهي. پاڪستان جاپان سان سفارتي ۽ اقتصادي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جاپان بينڪ فار انٽرنيشنل ڪوآپريشن جي مائننگ اينڊ ميٽل فنانس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل تارو ڪاٽو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جاپان سان سفارتي ۽ اقتصادي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان ۽ جاپان جو ماضي ۾ صنعت ۽ واپار جي ميدان ۾ مضبوط تعاون رهيو آهي. ٻئي ملڪ اقتصادي تعاون جي تجديد لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته پاڪستان جاپاني سيڙپڪارن ۽ بينڪن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جاپاني ٽيڪنالاجي جدت ۽ زراعت، آئي ٽي، ٽيڪسٽائل ۽ ٻين شعبن ۾ پيشه وراڻي مهارت مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ۾ وڏن اقتصادي ۽ ترقياتي منصوبن ۾ عالمي مالياتي ادارا ۽ عالمي سطح تي سيڙپڪار پنهنجي گهري دلچسپي ۽ تعاون جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سستي ليبر مارڪيٽ عالمي سيڙپڪارن لاءِ مقابلي وارو ماحول فراهم ڪري ٿي ۽ اسان پاڪستان کي سيڙپڪارن ۽ سيڙپڪاري لاءِ هڪ محفوظ ملڪ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. جاپان بينڪ فار انٽرنيشنل ڪوآپريشن جي مائننگ اينڊ ميٽل فنانس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل تارو ڪاٽو پاڪستان ۾ مهمان نوازي لاءِ پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا ۽ جاپان جي سيڙپڪارن ۽ بينڪن جي پاڪستان ۾ اقتصادي منصوبن ۾ وڌندڙ دلچسپي ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے