بريڪنگ نيوز

نشان امتياز لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام نالي، سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي پاڻي جو مسئلو آهي: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کيس تازو مليل (نشان امتياز ) رتوديرو، نئون ديرو سميت سڄي لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام نالي ڪري ڇڏيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن نئون ديرو ۾ پيپلز اسٽيڊيم ۾ خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان جي ڪري ئي مان هيستائين پهتو آهيان ۽ اهو اعزاز حاصل ڪيو آهي. نئون ديرو وارن منهنجو ساٿ ڏنو تڏهن ئي مان واشنگٽن ۽ ٻين ملڪن ۾ پاڪستان جو پيغام پهچايو. هن چيو ته مون نئون ديرو ۽ رتو ديرو ۾  تعمير ٿيل گهرن جو دورو ڪيو آهي، جن مان ڪجهه مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن، عوام ان منصوبي مان خوش آهي. اهڙن منصوبن ذريعي گهر ٺاهي رهيا آهيون ۽ عورتن کي مضبوط ڪري رهيا آهيون، عورتن جا بئنڪ اڪائونٽ کولرايا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سمورن ضلعن ۾ سمورن ايم اين ايز، ايم پي ايز جي فنڊن م ترقياتي بجيٽ مان گنجائش ڪڍي آهي. هن چيو ته جتي به جيڪي منهنجا فنڊ آهن مان چاهيندس ته اهي يونين ڪائونسل جي سطح تي ترقياتي ڪمن جي مد ۾ خرچ ٿين ۽ ان حوالي سان مقامي نمائندن کان صلاح مشوره ورتا وڃن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوان ترقياتي منصوبا منهنجي ايم اين اي فنڊ طرفان قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي پاڻي جو مسئلو آهي، عوامي نمائندا ان تي بجيٽ خرچ ڪن ۽ عوام کي سهولتون ڏين. هن چيو ته رتو دير ۾ جيڪا واٽر سپلاءِ اسڪيم بند هئي، ان کي ٻيهر شروع ڪرايو آهي ۽ سنڌ حڪومت کي چيو آهي، ته هتي آبادي وڌي وئي آهي ته ان م واڌ ڪئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قمبرشهدادڪوٽ ۾ سيوريج لاءِ بجيٽ شامل ڪئي آهي، لاڙڪاڻي ۾ پڻ سيوريج منصوبي تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي  پنهنجن پنهنجن صوبن جي بهتر نمائندگي ڪري رهيا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے