نڪور خبرون
Home / رانديون / سعيد اجمل پي سي بي ۾ نوڪريءَ لاءِ سندرو ٻڌي ڇڏيو

سعيد اجمل پي سي بي ۾ نوڪريءَ لاءِ سندرو ٻڌي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر سعيد اجمل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن بالنگ ڪوچ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپن بالنگ ڪوچ لاءِ اشتهار ذريعي درخواستون طلب ڪيون هيون، جنهن کي نظر ۾ رکندي سعيد اجمل قومي ٽيم جو اسپن بالنگ ڪوچ بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪندي ان عهدي لاءِ درخواست جمع ڪرائي آهي. اڳوڻي آف اسپنر سعيد اجمل پي سي بي هيڊ ڪوارٽر ۾ درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته مان اسپن بالنگ ڪوچ لاءِ سمورين شقن تي پورو لهان ٿو ۽ ٽيم سان گڏ ڪم ڪري نوجوان بالرن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو. ذريعن موجب قومي ٽيم جي ا سپن بالنگ ڪوچ لاءِ اڳوڻي ليگ اسپنر مشتاق احمد مضبوط اميدوار آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر ماجد حق ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور (اسپورٽس نيوز) اسڪاٽلينڊ جو اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر ماجد  حق عالمگير وبا ڪورونا وائرس جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے