نڪور خبرون
Home / شوبز / اداڪارا مهوش حيات پنهنجي پهرئين محبت جو راز ظاهر ڪري ڇڏيو

اداڪارا مهوش حيات پنهنجي پهرئين محبت جو راز ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) تمغه امتياز حاصل ڪندڙ اداڪارا مهوش حيات پنهنجي پهرئين محبت جو راز ظاهر ڪري ڇڏيو. مهوش حيات مشهور فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن تي هن هڪ دلچسپ ڪيپشن لکيو، اداڪارا جو چوڻ هو ته ڪنهن کي به ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيو ته هو توهان سان اوٻاريل چانورن وارو سلوڪ ڪري، مهوش حيات پنهنجي ڪيپشن ۾ وڌيڪ لکيو ته توهان ته برياني آهيو بي بي گرل، ان ڪيپشن ۾ اداڪارا آخر ۾ هيش ٽيگ جو استعمال ڪندي پنهنجي پهرئين پيار بابت به ٻڌايو. برياني سدائين منهنجو پهريون پيار رهي آهي. اداڪارا جو دلچسپ ڪيپشن پڙهڻ کان پوءِ سندس مداح به پوئتي نه هٽيا ۽ ان جي تصور ۽ ڪيپشن تي اداڪارا کي داد ڏيندا رهيا، اداڪارا مهوش حيات سوشل ميڊياتي تمام گھڻي متحرڪ رهندي آهي ۽ صارفن کي پنهنجي سمورين سرگرمين کان آگاهه رکڻ تي مٿس ڪيترائي ڀيرا تنقيد پڻ ٿي چڪي آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)  اداڪاره مايا علي ڪورونا وائرس جي ڊپ کي نظر ۾ رکندي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے