لاهور/نارووال(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت طرفان دريائن ۾ پاڻي ڇڏڻ ۽ پنجاب ۾ سخت برساتن بعد چناب درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ پلکو نالي ۾ چاڙهه سبب ٻوڏ جو پاڻي وزيرآباد شهر ۾ داخل ٿي ويو.چناب درياهه ۾ پلکو نالي چاڙهه بعد پاڻي وزيرآباد شهر ۾ داخل ٿيو، سيلڪوٽ روڊ تي ٻوڏ جو پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿي ويو.وزيرآباد جي چيما ڪالوني، جناح ڪالوني، حاجي پورا، محله شيش محل ۽ سوهدره ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو، ٻوڏ جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب ماڻهن سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.گوجرانوالا ۾ هيڊ قادرآباد ڀرسان ڌماڪي سبب گهاروچناب درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ لڳاتار واڌ بعد ضلعي انتظاميا گوجرانوالا ۾ هيڊ قادرآباد ڀرسان گهارو هڻڻ لاءِ هڪ ننڍڙو ڌماڪو ڪيو.انتظاميا جو چوڻ آهي ته چناب تي جھنگ وٽ تريمو هيڊ ورڪس تي به پاڻي جي سطح وڌي رهي آهي، جتي آمد 63 هزار 34 ڪيوسڪ ۽ خارج 51 هزار 834 ڪيوسڪ آهي.ضلعي انتظاميا موجب، ضلعي ۾ 412 ڳوٺ ٻڏي وڃڻ جو خدشو آهي، درياهي علائقن جي رهواسين کي چوپائي مال سميت لڏ پلاڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ مسجدن ۾ اعلان به ڪيا پيا وڃن.اڄ رات شاهدره مان وڏو ٻوڏ وهڪرو گذرندو: ڊي جي پي ڊي ايم ايڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 38 سالن کانپوءِ دريائن ۾ ايترو پاڻي آيو آهي، اڄ رات شاهدره مان وڏو ٻوڏ وهڪرو گذرندوسندس چوڻ هو ته راوي درياهه ۾ 1988ع کانپوءِ ايتري وڏي مقدار ۾ پاڻي آيو آهي، راوي ڪنارن تي موجود ماڻهن کي اپيل آهي ته علائقن کي خالي ڪن، ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن اندروي مان وڏو ٻوڏ وهڪرو گذرندو.هن چيو ته شاهدره مان اڄ رات 10 کان 12 وڳي جي وچ ۾ وڏو ٻوڏ وهڪرو گذرندو، جيڪو هڪ وڏو چئلينج هوندو پر حفاظتي انتظامن جي حوالي سان سمورا قدم کنيا ويا آهن، اميد آهي ته جاني نقصان نه ٿيندو.عرفان علي ڪاٺيا جو چوڻ هو ته گذريل رات چناب ۽ راوي ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آئي، خانڪي هيڊ ورڪس مان هن وقت وهڪرو گذري رهيو آهي، جڏهن ته چناب درياهه ۾ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ وڏي ٻوڏ آئي آهي.سندس چوڻ هو ته وقتائتن قدمن سبب پنجاب ۾ جاني نقصان ناهي ٿيو، پر جيستائين تائين ٻوڏ رحيم يار خان مان نه گذرنديا اهو پنجاب لاءِ وڏو چئلينج واري صورتحال رهندي، جڏهن ته انفرااسٽرڪچر جي نقصان جو امڪان گهٽ آهي.ستلج ۽ راوي ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ: ڀارتي هاءِ ڪميشنرٻئي پاسي ڀارتي هاءِ ڪميشن طرفان پاڪستان کي ٻوڏ بابت نئين آگاهي ڏني وئي آهي.انڊس واٽر ڪميشنر آفيس جو چوڻ آهي ته ڀارتي هاءِ ڪميشن اطلاع ڏنو آهي ته ستلج درياهه ۾ هيڊ هريڪي هيٺاهين ۽ فيروزپور هيٺاهين تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ هوندي، راوي ۾ ماڌو پور هيٺاهين ۽ چناب ۾ اکنور تي به مٿانهين درجي جي ٻوڏ هوندي.ستلج ۾ گنڊا سنگهه والا تي مٿانهين درجي جو ٻوڏ آهي: اين اي او سيهوڏانهن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) موجب، چناب، راوي ۽ ستلج دريائن ۾ غير معمولي ٻوڏ واري صورتحال آهي.اين اي او سي موجب، چناب ۾ مرالا وٽ 7 لک 69 هزار 481 ڪيوسڪ جو انتهائي مٿانهين درجي جو ٻوڏ وهڪرو اڳتي وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته خانڪي وٽ 7 لک 5 هزار 225 ڪيوسڪ جو غير معمولي ٻوڏ گهٽجي رهيو آهي.اين اَي او سي جو چوڻ آهي ته شاهدره وٽ 72 هزار 900 ڪيوسڪ جو وهڪرو جاري آهي، جنهن سبب شاهدره، پارڪ ويو ۽ موٽر وي 2 جي هيٺاهين علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي.اين اي او سي موجب، ستلج ۾ گنڊا سنگهه والا وٽ 2.45 لک ڪيوسڪ جو انتهائي مٿانهين درجي جو ٻوڏ وهڪرو جاري آهي، جڏهن ته ستلج ۾ هيڊ سليمانڪي وٽ هڪ لک 355 ڪيوسڪ جو ٻوڏ وهڪرو موجود آهي.
