بريڪنگ نيوز

ڪراچي ۾ 300 ملي ميٽر برسات کي ڪجهه منٽن جو مِينهن چئي واويلا ڪئي وئي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ 300 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، برسات کانپوءِ جي صورتحال تي واويلا ڪئي وئي، چيو پئي ويو ته نالا صاف ناهن ڪرايا ويا، جڏهن ته سڄو پاڻي نالن مان گذري سمنڊ ۾ ويو ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي چيو ته ڪراچي ۾ 300 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، جڏهن ته شهر جي نالن ۾ صرف 40 ملي ميٽر برساتي پاڻي جي گنجائش آهي هن چيو ته ڪراچي ۾ 600 نالا آهن، وڏن نالن جي ذميواري ڪي ايم سي وٽ آهي، شهر ۾ جتي به برسات ٿئي، پاڻي ڪي ايم سي جي نالن مان ئي گذري ٿو هن چيو ته 516 نالا گهٽين ۽ پاڙن ۾ آهن جيڪي ٽائونن جي ذميواري آهن، سنڌ حڪومت جماعت اسلامي جي 9 ٽائونن کي هر مهيني 1 ارب رپيا ڏئي ٿي، ٽائونن کي هينئر تائين27 ارب رپيا ڏنا ويا آهن ميئر چيو ته چيو پئي ويو ته نالا صاف نه ڪرايا ويا، جڏهن ته سڄو پاڻي نالن مان گذري سمنڊ ۾ ويو، ڀلي منگهي پير ۾ مِينهن وَسَي يا لياقت آباد ۾، پاڻي نالن مان ئي گذري ٿو ميئر ڪراچي موجب، 7 ضلعن جي صفائي لاءِ ٺيڪا ڏنا ويا آهن ته جيئن مشينري جي کوٽ نه ٿئي مرتضيٰ وهاب چيو ته تنقيد براءِ تنقيد نه هئڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهو 300 ملي ميٽر برسات کي ڪجهه منٽن جي برسات سڏي رهيا آهن، مان ماضي جي حڪومتن جي ڳالهين کي ورجائڻ نٿو چاهيان هن چيو ته جماعت اسلامي جي امير چيئرمينن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي، جماعت اسلامي جي چيئرمين ئي لياقت آباد ۾ روڊ ٺاهيو جنهن کي برسات لوڙهي وئي مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم چئي رهي آهي ته ڪراچي کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي، ڏسئون ٿا وفاقي حڪومت ڇا ٿي ڪري ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته ڊرگ روڊ سميت سڀ انڊر پاس بحال ڪيا ويا آهن، جڏهن ته شهر ۾ ايندڙ سومر تي هڪ ٻئي برساتي اسپيل جو امڪان آهي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے